اسلام آباد – 09 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ماءُ ۽ ٻار جي صحت ۽ غذائي کوٽ تي ضابط?? آڻڻ جي ضرورت تي زور ڏي??دي چيو آهي ته ٻارن جي پيدائش ۾ وقفي سان آبادي جي مسئلي تي ضابط?? آڻي سگهجي ٿو، ان مسئلي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ سمورين لاڳاپيل ڌرين جي وچ ۾ ٺوس رابطن ۽ ٺوس حڪمت عملي جوڙڻ جي ضرورت آهي، آبادي جي تصديق ٿيل انگن اکرن سان مستقبل بابت ٺوس منصوباب??دي ۾ مدد ملندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن آبادي بابت سيمينار کي وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪ??دي ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته هن وقت پاڪستان کي ڪورونا وبا جي ٻي لهر درپيش آهي، اسان کي ان وبا کان بچڻ جي لاءِ ايس او پيز تي ڀرپور طريقي سان عملدرآمد ڪرڻ گهرجي، مون به ماسڪ پاتو آهي ۽ عوام ک?? به عوامي جاين تي ماسڪ پائڻ گهرجي، بار بار هٿ ڌوئڻ گهرجن ۽ سماجي فاصلي جو خيال رکڻ گهرجي.