اسلام آباد – 12 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي خصوصي ماڻهن ک?? هنرمند بڻائڻ لاءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن ۽ سول سوسائٽي جي وچ ۾ گڏيل تعاون جي ضرورت تي ??ور ڏيندي چيو آه?? ته خصوصي ماڻهن جي مالي ۽ تعليمي شموليت هڪ وڏو چئلينج آه?? ۽ ان مان سرخرو ٿيڻ سڄي معاشري جي گڏيل ذميداري آه??، خصوصي ماڻهن ک?? مارڪيٽ جي ضروتن موجب هنر ڏيڻ لاءِ خصوصي تربيتي ڪورس متعارف ڪرايا وڃن. هو خصوصي ماڻهن جي بحالي بابت هڪ اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. نيشنل اينڊ ووڪيشنل اينڊ ٽيڪنيڪل ٽريننگ ڪميشن (نيوٽيڪ) جي چيئرمين سيد جاويد حس??ن خصوصي ماڻهن جي ڀلائي لاءِ کنيل قدمن جي باري ۾ صدر کي بريفنگ ڏني. صدر عارف علوي چيو ته خصوصي ماڻهن جي معاشري ۾ مالي شموليت سان گڏوگڏ انهن ک?? مرڪزي تعليم جي نظام ۾ شامل ڪرڻو پوندو.