راولپنڊي -01 جولاءِ (اي پي پي) اينٽي نارڪوٽڪس فورس ??نش??ات اسمگلنگ خلاف ڪريڪ ڊائون دوران 7 ڪارروائين ۾ 833 ڪلوگرام ??نش??ات هٿ ڪري 3 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. اي اين ايف هيڊ ڪوارٽر راولپنڊي مان جاري رپورٽ مطابق ??ذر??ل 24 ڪلاڪن دوران ??نش??ات جي خاتمي وارين ڪارروائين دوران باچا خان انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي قطر ويندڙ مسافر کان 748 گرام آئس هٿ ڪئي وئي. راولپنڊي ۾ ڪارگو آفيس مان آسٽريليا موڪلي ويندڙ پارسل مان 400 گرام آئس هٿ ڪئي وئي. ماشخيل مان 460 ڪلوگرام آفيم هٿ ڪيو ويو. پشين روڊ ڪوئٽا و??جه?? 319 ڪلوگرام آفيم هٿ ڪيو ويو. ڪراچي مان ڪنٽينر جي ڳجهن خانن مان 41 ڪلوگرام آئس هٿ ڪئي وئي. حيدرآباد ۾ ريلوي ڦاٽڪ و??جه?? موٽر سائيڪل سوار کان 7 ڪلوگرام چرس هٿ ڪيو ويو. سيالڪوٽ ۾ سمبڙيال و??جه?? جوابدار کان 4.8 ڪلوگرام چرس هٿ ڪيو ويو. ترجمان ٻڌايو ته گرفتار جوابدارن خلاف دهشتگردي جي خاتمي واري ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي.