لاهور – 15 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته گلوبل پورٽل جاري ڪرڻ سان پرڏيهي ملڪ ?? رهندڙ پاڪستانين کي سهولت ميسر ايندي ۽ انهن جو پنهنجي ملڪ ?? سيڙپڪاري جي حوالي سان اعتماد بحال ٿيندو، سمنڊ پار پاڪستانين کي جيستائين محفوظ ??اح??ل فراهم نه ٿيندو اهي سيڙپڪاري ڪرڻ ۾ ڏکيائي محسوس ڪندا، معيشت جي ترقي امن ۽ امان جي بهتر صورتحال ۽ قانون جي عملداري سان ڳنڍيل آهي، دولت جي پيداوار (ويلٿ ڪريئيشن) وسيلي ئي ملڪي معيشت ترقي ڪندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سيف سٽي اٿارٽي، دائره ڪار، ڪار??رد??ي ۽ پوليس خدمت مرڪز جي گلوبل پورٽل جاري ڪرڻ تي بريفنگ لاءِ منعق?? اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.