اسلام آباد – 07 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفا??ي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته ڪورونا وب?? جي خلاف موجود?? حڪومت جي حڪمت عملي ڪامياب رهي آهي، عيدالاضحيٰ جي موقعي تي ڪورونا وب?? جي پکڙجڻ جو خدشو آهي، وزيراعظم عمران خان عيدالاضحيٰ گهر ملهائڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ عوام کي به اپيل ڪئي آهي ته هو عيدالاضحيٰ تي گهرن ۾ رهن، وزيراعظم جي غربت گهٽايو ۽ سماجي تحفظ بابت خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر کي احساس پروگرام جو ٻيو مرحلو شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، حڪومت ڪورونا وب?? ۽ موجوده معاشي صورتحال ۾ متوازن بجيٽ پيش ڪئي آهي، شڪي لائسنس وارن 28 پائليٽس کي نوڪري مان ڪڍيو ويو آه??، جعلي لائسنس وارا سمورا پائليٽس پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) جي دور ۾ ڀرتي ڪيا ويا، جلعي پائليٽن جي معاملي تي پي آءِ اي ۽ سول ايوي ايشن عملدارن جي خلاف ڪارروائي ڪئ?? پئي وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ڪيو.