اسلام آباد – 10 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هائوسنگ ۽ تعميرات جي شعبي جي ترقي لاءِ مراعتن ۽ سهولتن جو اعلان ڪندي نئين پاڪستان هائوسنگ پراجيڪٽ لاءِ 30 ارب روپي?? جي سبسڊي مختص ڪري ڇڏي آهي، پهرين هڪ لک گهر?? جي تعمير تي في گهر 3 لک روپيا سبسڊي ڏني ويندي، قرض جي صورت ۾ مارڪ اپ جي شرح پنج مرلي جي گهر جي لاءِ 5 سيڪڙو ۽ 10 مرلي جي گهر?? جي لاءِ 7 سيڪڙو هوندي، اين او سي ۽ ٻين سهولت?? جي لاءِ صوبن سان گڏجي ون ونڊو آپريشن جو آغاز ڪيو ويو آهي، سستن گهر?? جي تعمير تي ٽيڪسن ۾ گهٽتائي ڪئي وئي آهي، گهر جي خريداري تي آمدني جا ذريعا نه پڇيا ويندا، سم??را ماڻهو 31 ڊسمبر تائين حاصل سهولتن مان هر ممڪن فائدو کڻن، هائوسنگ ۽ تعميرات جي شعبي کي ترقي ڏيڻ سان ملڪي معيشت کي استحڪام ملندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن هائوسنگ، تعميرات ۽ ترقي بابت قومي رابطا ڪميٽي جي پهرين اجلاس کانپوءِ خيالن جو اظهار ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ هائوسنگ ۽ تعميرات جي شعبي جي ترقي جي راهه ۾ رڪ??وٽ??ن ۽ مشڪلاتون هيون جنهن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ قومي رابطا ڪميٽي جوڙي وئي. هن چيو ته نئون پاڪستان هائوسنگ ا??ڪيم جا مقصد حاصل ڪرڻ جي لاءِ مختلف رخن ۾ ڪم ڪيو پيو وڃي، گهر?? جي لاءِ قرض?? جي سهولت بابت قانون نه هو جنهن تي ڪم جاري آهي، صوبن سان گڏجي تعميرات جي صف بابت رڪ??وٽ?? کي ختم ڪيو ويندو، هن چيو ته هائوسنگ ۽ تعمرات جي شعبي جي ترقي سان جتي عام ماڻهن کي پنهنجو گهر بڻائڻ جي سهولت حاصل ٿيندي، اتي روزگار جا موقعا به پيدا ٿيندا ۽ تعميراتي صنعتن جو ڦيٿو هلڻ سان ملڪي معيشت کي به استحڪام ملندو.