ٻار معاشري جا مستقبل هوندا آهن: وزيراعظم

image
APP76-13 ISLAMABAD: December 13 - Prime Minister Imran Khan chairing a meeting regarding prevention of child abuse at PM Office. APP

اسلام آباد – 13 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ٻار معاشري جا مستقبل هوندا آهن، معاشري جي مستقبل جي خلاف ڏوهن ۽ خاص طور تي معصوم ٻارن جو جنسي استحصال پوري معاشري لاءِ باعث شرم ۽ افسوسناڪ آهي، ٻارن کي محفوظ ماحول فراهم ڪرڻ نه رڳو حڪومت پر معاشري جي هر فرد جي ذميداري آهي ۽ حڪومت ان سلسلي ۾ هر ممڪن قدم کڻندي، وزيراعظم انساني حقن واري وزارت کي ٻارن جي خلاف ڏوهن جي روڪٿام لاءِ گهرو وزارت ۽ صوبائي حڪومتن جي مشاورت ۽ مدد سان قومي سطح تي نيشنل ايڪشن پلان کي آئنده ٻن هفتن ۾ حتمي شڪل ڏيڻ جي به هدايت ڪئي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ٻارن بابت ڏوهن خاص طور تي ٻارن جي جنسي استحصال جي موثر روڪٿام جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو.

مضمون کا ماخذ : ڈوپلا سینا