غيرت جي نالي تي قتل جهڙن واقعن جو خاتمو ضروري آهي: فردوس عاشق اعواڻ

image
APP62-09 ISLAMABAD: March 09 – Special Assistant to PM for Information and Broadcasting, Firdous Ashiq Awan addresses at one day workshop for female journalists on "Empowering Women in Media; Including Leadership and Technology" in Academy of Information. APP photo by Sadia Haidari

اسلام آباد – 09 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ غيرت جي نالي تي قتل جي واقعن جي مذمت ڪندي چيو آهي ته غيرت جي نالي تي قتل جهڙن واقعن جو خاتمو ضروري آهي، ان سوچ کي دفن ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون جاري رکنداسين، تڪ جي عوام روزانو سياستدانن جو احتساب ڪري ٿي ۽ جن سياستدانن عوام کان ووٽ ورتا هوندا آهن اهي سمورا واعدا پورا ۽ مسئلا حل ڪرڻ جي لاءِ سموريون صلاحيتون ۽ وسيلا استعمال ۾ آڻين ٿا، چئلينجز کي موقعن ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ عورت صحافين اهم ڪردار ادا ڪيو، عورت صحافين جي صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ سازگار ماحول جي فراهمي ضروري آهي. هو انفارميشن سروسز اڪيڊمي ۾ ميڊيا ۾ عورت صحافين کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ هڪ ڏينهن واري تربيتي ورڪشاپ جي پڄاڻي واري تقريب کي خطاب ڪري رهي هئي.

مضمون کا ماخذ : سانتا کا سرپرائز