رانديگر نه هجان ها ته سياست ۾ هار مڃي چڪو هجان ها: وزيراعظم

image
APP32-09 PESHAWAR: March 09 - Prime Minister Imran Khan addressing during opening ceremony of U21 Games 2020 at Qayum Sports Complex. APP photo by Shaheryar Anjum

پشاور – 09 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته رانديگر نه هجان ها ته سياست ۾ هار مڃي چڪو هجان ها، زندگي لاهن چاڙهن جو نالو آهي، هيٺ ڪري اٿڻ وارو پهرئين کان وڌيڪ مضبوط هوندو آهي، راند ئي مشڪل حالتن جو مقابلو ڪرڻ سيکاريو. قيوم اسپورٽس ڪامپليڪس پشاور ۾ انڊر 21 گيمز جي افتتاحي تقريب کي خطاب ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته زندگي مقابلي جو نالو آهي، هن چيو ته شڪست کان نه هارائڻ وارو ئي چيئمپين هوندو آهي ڇو ته هو پنهنجي شڪست جي سببن کي سامهون رکي ٻيڻي محنت ڪندو آهي.

مضمون کا ماخذ : پرامڈ ادا کرتا ہے۔