اسلام آباد – 08 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم ??مر??ن خان پگهاردار، وچين ۽ گهٽ آمدني وارن طبقن کي رعايتي اگهن تي ضرورت جون شيون ف??اهم ڪرڻ جي لاءِ 7 ارب رپين جو رليف پئڪيج باقاعده جاري ڪري ڇڏيو، رليف پئڪيج تحت سڄي ملڪ ۾ قائم 4 هزار يوٽيلٽي اسٽورز تي سستيون شيون دستياب هونديون. وزيراعظم جي نائن م??ڪز ۾ يوٽيلٽي اسٽورز جي دوري جي موقعي تي رليف پئڪيج جو افتتاح ڪيو. وزيراعظم ??مر??ن خان چيو ته حڪومت جلد غريب ماڻهن جي لاءِ راشن ڪارڊ اسڪيم جو پڻ اعلان ڪندي جنهن تحت اهي يوٽيلٽي اسٽورز تان ماهوار 3 هزا?? رپين جون بنيادي ضرورت جون شيون حاصل ڪري سگهندا.