اسلام آباد – 22 مئي (اي پي پي) وزيراعظم جي صحت وا??ي خاص معاون ڊاڪٽر ظفر م??زا هڪ ڏينهن ۾ 2603 ڪيسز رپورٽ ۽ 50 فوتگين تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي پوري قوم کي اپيل ڪئي آهي ته لاڪ ڊائون ۾ نرمي دوران رش وا??ين جاين، شاپنگ مالز ۽ گهرن ۾ ماسڪ جو استعمال لازمي، سما??ي فاصلو برقرار رکي ٻي صورت ۾ صورتحال وڌيڪ بگڙي سگهي ٿي، هي عيد گذريل سمورين عيدن کان مختلف هوندي، عيدالفطر جي موقعي تي گلي نه ملو، سما??ي فاصلو برقرار رکو، 50 سالن کان وڏي عمر جا ماڻهو گهرن ۾ ئي رهن. هو نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ۾ ميڊيا کي بريفنگ ??ئي رهيو هو.