اسلا?? آباد – 12 نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽ?? عارف علوي تعليم واري وزارت، منشيات جي خاتمي واري فورس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي وچ ۾ ويجهي تعاون جي ضرورت تي زورڏيندي چيو آهي ته هائير ايجوڪيشن ڪميشن تعليمي ادارن ۾ خصوصي شاگردن ??ي ڀلائي ۽ سهولت لاءِ قدم کڻي، خصوصي شاگردن کي ٽيوشن فيس ۾ ڇوٽ، تعليمي ادارن ۾ آمدرفت جي خصوصي سهولت ۽ عمر جي حد ۾ نرمي ڪئي وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن منشيات جي خات??ي ۽ خصوصي شاگردن ??ي ڀلائي واري ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ تعليم وارو وفاقي وزير شفقت محمود، منشيات جي خاتمي وارو وزير محمد اعظم خان سواتي، انساني ح??ن واري وزير ڊاڪٽر شيرين مزاري، ايڇ اي سي جو چيئرمين ۽ مختلف وزارتن جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.