اسلام آباد – 19 – ڊسمبر (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب سنڌ کانپوءِ پنجاب ۾ 87 فوتگيون ٿيون، جنهن مان 45 فوتگيون وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جا 3179 نوان ??ثبت ڪيس سامهون آيا آهن. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 74 ماڻهو اسپتالن ۾ جڏهن ته 13 ماڻهو گهرن ۾ قرنطينه دوران ??وت ٿ??ا. ??لڪ جي 4 وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ??لتان ۾ 46 ??يڪ??و، اسلام آباد ۾ 41 ??يڪ??و، لاهور ۾ 34 ??يڪ??و ۽ پشاور ۾ 21 ??يڪ??و مريض آهن، اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولتن وارن بسترن تي راولپنڊي ۾ 40 ??يڪ??و، اسلام آباد ۾ 42 ??يڪ??و، پشاور ۾ 59 ??يڪ??و ۽ ايبٽ آباد ۾ 39 ??يڪ??و مريض آهن، گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪووڊ – 19 جا 48 هزار 75 ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن مان سنڌ ۾ 20 هزار 681، پنجاب ۾ 15 هزار 133، خيبرپختونخوا ۾ 5 هزار 213، اسلام آباد ۾ 5 هزار 749، بلوچستان ۾ 337، گلگت ب??تس??ان ۾ 373، آزاد ڪشمير ۾ 579 ٽيسٽ شامل آهن، هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو تعداد 4 لک 4 هزار 501 ٿي چڪو آهي. بلوچستان ۽ گلگت ب??تس??ان ۾ ڪووڊ – 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽرز تي نه آهي جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 جي لاءِ مختص وينٽيليٽرز تي 279 مريض آهن، سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو تعداد 40 هزار 922 آهي، سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب متاثر ماڻهن جو تعداد 4 لک 54 هزار 673 آهي.