اسلام آباد – 21 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چ??و آهي ته براڊشيٽ معاملي تي پهرين ئي وزيراعظم عمران خان انڪوائري ڪميٽي ٺاهي چڪو آهي، جيڪا 45 ڏينهن ۾ انڪوائري مڪمل ??ندي. هو قومي اسيمبل?? جي اطلاعات ۽ نشريا?? بابت اسٽينڊنگ ڪميٽ?? جي اجلاس کي خطاب ڪري رهيو هو. اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجل??س ڪميٽ?? جي چيئرمين جاويد لطيف جي صدارت ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ منعقد ٿيو. وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چ??و ته انڪوائري رپورٽ اطلاعات واري ڪميٽي سان شيئر ڪئي ويندي، وفاقي وزير چيو ته براڊشيٽ معاملو اطلاعات واري ڪميٽ?? جي دائري ۾ نٿو اچي، اهڙي وقت ۾ جڏهن انڪوائري ڪميٽي قائم ٿي چڪي هجي ته ڪميٽي پاران نيب چيئرمين جي طلبي مشڪلات پيدا ڪندي. هن تجويز ڏني ته جڏهن انڪوائري ڪميٽ?? جي رپورٽ ايندي ته ڪميٽي ان کانپوءِ ضروري سمجهي ته ان معاملي کي بحث هيٺ آڻي.