اسلام آباد – 03 مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي آڊيٽر جنرل آف پاڪس??ان جي اداري کي چيو آهي ته بهتر مالي انتظام ۽ خدمتن جي فراهمي ۾ بهتري لاءِ بهترين عالمي معيار ۽ ٽيڪنالاجي کي استعمال ۾ آڻيندي آڊٽ جي نظام کي مستحڪم بڻايو وڃي، اداري جي ڪارڪردگي ۽ صلاحيتن ۾ اضافي لاءِ ڊي اي جي پي آفيسرن لاءِ بهترين ت??بي??ي پروگرام ۽ خصوصي تر??يت جو اهتمام ڪر?? جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن آڊيٽر جنرل آف پاڪس??ان جاويد جهانگير سان ڳالهائيندي ڪيو. آڊيٽر جنرل صدر کي اداري ۾ سڌارن جي عمل تي بريفنگ ڏني. هن سرڪاري ادارن ۾ مالي شفافيت کي يقيني بڻائڻ، احتساب ۾ اضافي ۽ آڊٽ ۾ بهتري لاءِ کنيل قدمن بابت اجاگر ڪيو. بريفنگ ۾ اداراجاتي سڌارن ۽ ڪفايت شعاري واري صلاحڪار ڊاڪٽر عشرت حسين به شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ايڊيشنل آڊيٽر جنرل آف پاڪس??ان فرخ حميد ۽ ناڻي واري وزارت وارو سينئر جوائنٽ سيڪريٽري عامر محمود به موجود هو. صدر چيو ته بهتر مالياتي انتظام ۽ خدمتن جي فراهمي لاءِ آڊيٽر جنرل آف پاڪس??ان جي اداري کي جديد ٽيڪنالاجي اختيار ڪر??ي پوندي. بدعنواني جي خاتمي ۽ شفافيت برقرار رکڻ ??اءِ پوري آڊٽ عمل کي ڪمپيوٽرائيزڊ ڪر??و پوندو.