اسلام آباد – 08 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت اظهار راءِ جي آزادي جي بنيادي، جمهوري ۽ آئيني حق تي پڪو يقين رکي ٿي، ميڊيا جي ترقي ۽ صحافين جي ڀلائي ??سا?? جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، رياست جي مفاد جو تحفظ ??سا?? سڀني جي لاءِ مقدم ۽ پهرين ترجيح هجڻ گهرجي، جرنلسٽس پروٽيڪشن بل جي منظوري صحافين جي سلامتي، ا??هن جي حقن جي تحفظ ۽ ڀلائي جي لاءِ تمام وڏي اڳڀرائي آهي. اها ڳالهه هن ڪراچي، لاهور ۽ نيشنل پريس ڪلب اسلام آباد جي عهديدارن سان ورچوئل اجل??س دوران ڳالهائيندي چئي.