اسلام آباد – 05 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته ماحولياتي تبديلي جي حوالي سان عملي قدمن سان وزيراعظم عمران خان گ??وبل ليڊر جي طور تي سامهون آيو آهي، هڪ ارب وڻ لڳائڻ جو چئلينج پورو ڪر?? کانپوءِ هاڻي 10 ارب وڻ لڳائڻ جو چئلينج به پورو ڪنداسين. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته هن سال عا??مي ماحولياتي ڏينهن جي ميزباني به پاڪستان ڪري رهيو آهي، هن چيو ته گرين ڊپلوميسي دنيا سان لاڳاپن جا نوان رستا ٺاهي رهي آهي، پاڪستان ?? ڪلين انرجي ۽ ڊيمز ٺاهڻ جي لاءِ پهرين 500 ملين ڊالرز گرين يورو بانڊ فنانسنگ به منظور ٿي چڪي آهي، ورلڊ اڪنامڪ فورم، بون چئلينج سميت عا??مي ماحولياتي فورمز پاڪستان جي پذيرائي ڪري رهيا آهن.