اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي ??زي?? چوڌري فواد حسين سان گلگت بلتستان جي گورنر راجا جلال ح??ين مقپون ملاقات ڪئي. ملاقات دوران گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ملاقات دوران اطلاعات واري وفاقي ??زي?? گلگت بلتستان ۾ ترقياتي منصوبن ۾ غير ملڪي سيڙپڪاري کي متوجهه ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. اطلاعات واري وفاقي ??زي?? چيو ته گلگت بلتستان ۾ پي ٽي وي اسٽيسن جي قيام لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. هن چيو ته گلگت بلتستان ۾ ڊجيٽل ڪيبل ۽ موبائيل نيٽ ورڪ ڪمپنين جي خدمتن کي بهتر بڻايو ويندو. اطلاعات واري ??زي?? چيو ته گلگت بلتستان جي نوجوا??ن ۾ ڊجيٽل ميڊ??ا ۾ دلچسپي کي فروغ ڏنو وڃي. ڊجيٽل ميڊ??ا ۾ نوجوانن لاءِ بي پناهه موقعا موجود آهن. گلگت بلتستان جي گورنر نوجوانن کي ڊجيٽل ميڊيا طرف متوجهه ڪرڻ جي حوالي سان وفاقي ??زي?? جي تجويز سان اتفاق ڪيو.