اسلام آباد/نيويارڪ – 24 – سيپٽ??بر (اي ??ي ??ي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته افغانستان ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام جو قيام خطي لاءِ انتهائي اهميت رکندڙ آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب پرڏيهي وزير نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 76 هين اجلاس جي موقعي تي جا??ان جي پنهنجي هم منصب توشي مٽسو موتيجي سان ملاقات ڪئي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن، افغانستان جي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان جا??ان سان پنهنجي س??اسي ۽ معاشي لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو، پاڪستان جا??ان کي هڪ ترقياتي حوالي سان اعتماد جي قابل حصيدار سمجهي ٿو. مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته اسان 2022ع ۾ پاڪستان ۽ جا??ان جي س??ارتي لاڳاپن جي 70 هين سالگرهه کي پرجوش انداز ملهائڻ ??و ارادو رکون ٿا، پرڏيهي وزير پاڪ جا??ان گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۽ گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ لاءِ گڏيل ڪوششون استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي پنهنجي جا??اني هم منصب کي افغانستان جي اڀرندڙ صورتحال جي حوالي سان پاڪستان جي موقف کان آگاهه ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام جو قيام خطي جي لاءِ انتهائي اهميت رکندڙ آهي. افغانستان ۾ وڌندڙ انساني ۽ معاشي بحران جي خاتمي لاءِ ضروري آهي ته عالمي برادري افغانستان جي مدد کي يقيني بڻائي. پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ڀارت پاران والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري انساني حقن ۽ عالمي قانونن جي س??گين خلاف ورزين جي ثبوتن تي ٻڌل هڪ ”ڊوزيئر“ جا??اني هم منصب کي پيش ڪيو.