اسلام آباد – 03 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته عوام جي تڪليفن جو تدارڪ وزيراعظم عمران خان جي پهرين ترجيح آهي، هو عوام کي ريليف ڏيڻ جي لاءِ هر حد تائين ويندو. پنهنجي ??وئ??ٽ ۾ هن چيو ته وزيراعظم قوم کي خطاب ۾ ملڪي تاريخ جي وڏي عوامي ريليف پئڪيج جو اعلان ??ندو، اهو پئڪيج عوام جي مشڪلاتن ۾ گهٽتائي ۽ انهن جي زندگين ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ جي لاءِ سنگ ميل ثابت ٿيندو.