اسلام آباد – 17 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته تحريڪ انصاف واحد پارٽي آهي جيڪا اوورسيز پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ چاهي ٿي، اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينز ۽ اوورسيز پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ بابت ٻه قا??ون انتهائي اهميت رکندڙ آهن، انهن قا??ونن جي منظوري وزيراعظم عمران خان جي ڪمٽمينٽ رهي آهي، ٻنهي ايوانن جي اڪثريت هتي موجود آهي، پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ اڄ اهم بل پاس ٿي ويندا، مخالف ڌر ڪمزور پهلوانن تي ٻڌل آهي، قا??ونسازي کانپوءِ مخالف ڌر جي اندر وکرڻ جو عمل تيز ٿي ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان تحريڪ انصاف جي پارلياماني پارٽي جي اجلاس کانپوءِ ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي پارلياماني پارٽي جي اجلاس ۾ سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جي چونڊيل ميمبرن وزيراعظم عمران خان جي قيادت تي مڪ??ل اعتماد جو اظهار ڪيو آهي، انهن سمورن ميمبرن جا ٿورا مڃان ٿو جيڪي پنهنجون مصروفيتون ڇڏي اجلاس ۾ شريڪ ٿيا. هن چيو ته ٻنهي ايوانن جي ميمبرن جي اڪثريت هتي موجود آهي، پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ اهم بل پاس ٿي ويندا، اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينز ۽ اوورسيز پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ بابت ٻه قا??ون انتهائي اهميت رکندڙ آهن، انهن قا??نن جي منظوري وزيراعظم عمران خان جي ڪمٽمينٽ رهي آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته تحريڪ انصاف واحد پارٽي آهي جيڪا اوورسيز پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ چاهي ٿي، پارلياماني پارٽي جي اجلاس ۾ وزيراعظم انهن اتحادين، سينيٽرز ۽ قومي اسيمبلي ميمبرن جا ٿورا مڃيا جيڪي اسان بيماري ۽ مجبوري جي باوجود آيا. پارلياماني پارٽي وزيراعظم ت?? پنهنجي مڪ??ل اعتماد جو اظهار ڪيو آهي، اهو اعتماد پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ پڻ ظاهر ٿيندو. هن چيو ته مخالف ڌر ڪمزور پهلوانن تي ٻڌل آهي، شڪست جو شڪار ٿي چڪي آهي، اڄ جي قا??ونسازي کانپوءِ مخالف ڌر جي اندر وکرڻ جو عمل تيز ٿي ويندو.