اسلام آباد – 10 ڊسمبر (اي پي پي) ??در ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته شاگرد انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شع??ي ۾ پاڻ کي هنرمند بڻائين، حڪومت بلوچستان جي ترقي تي خصوصي ڌيان ڏئي رهي آهي، بلوچستان جا نوجوان ڪامياب جوان پروگرام مان فائدو کڻن. اهڙن خيالن جو اظهار هن بلوچستان ريڊيڊنشل ڪاليج، لورالائي جي شاگردن جي وفد سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو، ايوان ??در جي پريس ونگ مان جاري بي??ن وجب ??در ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته بلوچستان جا شاگرد ۽ شاگردياڻيون حڪومتي تعليمي اسڪالرش?? اسڪيم مان فائدو کڻن. حڪومت احساس اسڪالرشپ پروگرام تحت 50 هزار اسڪالرشپ ڏئي رهي آهي، هن چيو ته شاگرد پنهنجي تعليم تي ڌيان ڏين، ملڪي تعمير ۽ ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن، ??در چيو ته شاگرد انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شع??ي ۾ پاڻ کي هنرمند بڻائين، حڪومت بلوچستان جي ترقي تي خصوصي ڌيان ڏئي رهي آهي، بلوچستان جا نوجوان ڪامياب جوان پروگرام مان فائدو کڻن، نوجوان ڪامياب پروگرام تحت آسان شرطن تي ڪاروباري قرض حاصل ڪري سگهن ٿا، شاگردن ??در کي پنهنجي مسئلن جي باري ۾ آگاهه ڪيو، ??در شاگردن کي انهن جا مسئلا حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي.