اسلام آباد – 04 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب فارن فنڊنگ بابت ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي چيو ??هي ته قانون موجب ڪا به سياسي پارٽي ڪنهن ٻي پارٽي کي فنڊ نٿي ڏئي سگهي. ٽي وي چئنلز بريڪنگ نيوز جي چڪر ۾ فيڪ نيوز جو ??صو نه بڻجن، اليڪشن ڪميشن جي اسڪروٽني ڪميٽي جتي پي ٽي آءِ جي اڪائونٽن جي پڙتال ڪري رهي ??هي ائين ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي جي اڪائونٽن جي به ڇنڊڇاڻ ٿي رهي ??هي، هن چيو ته اسان جي ماهرن جي جاچ موجب ن ليگ جا 9 اڪائونٽ اهڙا آهن جيڪي اليڪشن ڪميشن کي ناهن ٻڌايا ويا انهن مان ڪروڙين روپين جي ٽرانزيڪشن ٿي آهي، سپريم ڪورٽ حنيف عباسي جي ڪيس ۾ اليڪشن ڪميشن کي هدايت ڪئي هئي ته سڀني سياسي پارٽين جي اڪائونٽن جي بنا ڪنهن متڀيد جي ڇنڊڇاڻ ٿيڻ گهرجي، فرخ حبيب چيو ته پيپلزپارٽي 2013ع ۾ 9 اڪائونٽس، 2014ع ۾ 11 ۽ 2015ع ۾ 10 اڪائونٽ لڪايا، پيپلزپارٽي وٽ 34 ڪروڙن جي عطين جو ڪو به رڪارڊ نه آهي، پيپلزپارٽي، پيپلزپارٽي پارليامينٽرين، ۽ پارليامينٽرين پيپلزپارٽي جا خرچ برداشت ڪن ٿيون، جيڪو غير قانوني آهي.