اسلام آباد – 18 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هو??بازي جي شعبي ۾ خدمتن جي بهترين معيار کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ملڪ ۾ هو??بازي جي شعبي بابت معاملن جو جائزو وٺڻ لاءِ اجلاس منعقد ڪيو ويو. اجلاس ۾ هو??بازي واري وفاقي وزير غلام سرور خان، ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت فياض ترين ۽ لاڳاپيل سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم عمران خان هو??بازي جي شعبي ۾ خدمتن جي بهترين معيار کي يقيني بنائڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته مسافرن کي ??هتر کان بهتر خدمتون پهچائڻ لاءِ ملڪ ۾ هڪ موثر چٽاڀيٽي جو عمل جاري ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، وزيراعظم قومي فضائي ڪمپني پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائينز (پي آءِ اي) جي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ جي به هدايت ڪئي.