لاهور – 12 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان ڪرپشن جي خاتمي لاءِ جنگ وڙهي رهيو آهي، پورو معاشرو ان جنگ ۾ وزيراعظم جو ساٿ ڏي، مخالف ڌر حڪومت جي خلاف عدم اعتماد آڻڻ کان اڳ پنهنجا ماڻهو ته پورا ڪري وٺي، هڪ ٻئي جي خلاف ڳالهيون ڪندڙ پنهنجي مفاد جي لاءِ ٻيهر گڏ ٿي رهيا آهن، قانون جو مذاق اڏائيندڙن جي خلاف جڏهن ڪا ڪاررو??ئي شروع ٿئي ٿي ته اهي التوا جي پٺيان لڪي وڃن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن گورنر هائوس لاهور ۾ سڄي ملڪ مان آيل پي ايف يو جي جي ميمبرن کي ??طاب ۽ صحافين س??ن ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي لاهور پريس ڪلب جي صدر اعظم چوڌري ۽ ٻين صحافين جو انگ پڻ موجود هو. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب تقريب کي ??طاب ڪندي چيو ته مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻن پنهنجي دور ۾ ڪرپشن ڪئي، رمضان شگر ملز جي 10 کان 15 هزار رپيا ماهوار پگهار کڻندڙ ملازمن جي اڪائونٽس ۾ اربين رپيا ڪٿان اچي وڃن ٿا، جڏهن سوال پڇيو وڃي ته اهي التوا جي پٺيان لڪي وڃن ٿا، ڪڏهن قطري خط اچي وڃي ٿو، ڪڏهن جسٽس (ر) قيوم جهڙا جج ڳولڻ شروع ڪري ڇڏين ٿا. هن چيو ته جڏهن سڄو خاندان چوري ڪري ٻاهر هليو وڃي ته انهن کي ??واب ته ڏيڻو پوندو. شهباز زرداري ملاقات جي حوالي سان مملڪتي وزير چيو ته زرداري شهباز شريف ملاقات رڳو پنهنجي مفادن جي لاءِ آهي، شهباز شريف ماضي ۾ زرداري کي ??ستن تي گهيلڻ جي ڳالهه ڪندو هو هاڻي اهي قانون جو مذاق اڏائڻ جي لاءِ ٻيهر گڏ ٿي ويا آهن. چوڌري ڀائرن س??ن اپوزيشن جي ملاقاتن جي حوالي سان فرخ حبيب چيو ته اهي اتان روٽي شوٽي کائين، ملاقات ڪرڻ ۾ اهي آزاد آهن جڏهن ته حڪومت کي پنهنجي اتحادين کان ڪو خطرو نه آهي. ميڊيا جي آزادي جي حوالي سان هن چيو ته حڪومت صحافت جي آزادي تي يقين رکي ٿي، حڪومت صحافين جي سمورين تنظيمن س??ن گڏجي جرنلسٽ ميڊيا پروٽيڪشن بل اسيمبلي مان پاس ڪر??ئي ورتو آهي، قانون ٺهڻ تي منسٽري آف هيومن رائٽس ان تي ڪم ڪري رهي آهي ان تي ڪميشن پڻ ٺاهيو ويندو جنهن ۾ صحافين جي نمائندن کي ??امل ڪنداسين ته جيئن صحافين کي پنهنجون ذميواريون س??زگار ماحول ۾ انجام ڏيڻ جو موقعو فراهم ڪري سگهجي. هن چيو ته پرنٽ ميڊيا جي صحافين وٽ پنهنجي شڪايتن جي ازالي لاءِ آءِ ٽي اين اي جو پليٽ فارم موجود آهي، ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته اليڪٽرانڪ ۽ ڊيجيٽل ميڊيا جي صحافين کي ??ه آءِ ٽي اين اي تائين پهچ ڏيون. هن چيو ته آءِ ٽي اين اي 10 هزار کان وڌيڪ ڪيسز مان 7 هزار جو فيصلو ڪيو آهي، آءِ ٽي اين اي جو سيٽ اپ اسلام آباد کانسواءِ سڄي ملڪ جي ٻين وڏن شهرن ۾ ب?? قائم ڪنداسين. هڪ سوال جي جواب ۾ مملڪتي وزير چيو ته آءِ ٽي اين اي جي چيئرمين جي مقرري هڪ ه??تي جي اندر ڪئي ويندي. هن چيو ته صحافين کي مس انفارميشن ۽ ڊس انفارميشن ۾ فرق محسوس ڪرڻ گهرجي، ڊس انفارميشن ڄاڻي واڻي ڪئي وڃي ٿي، ذاتي ڪردارڪشيءَ ڪندڙن جي حوصلا شڪني ڪرڻ گهرجي، صحافي پنهنجي صفن ۾ لڪل انهن ڪارين رڍن جو گهيراءُ ڪن جيڪي ڊس انفارميشن ڪري رهيا آهن. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان قانون جي بالادستي جي لاءِ جنگ وڙهي رهيو آهي، ڪرپشن جي ناسور جي خلاف پوري قوم وزيراعظم جي ڪوششن جو ساٿ ڏي. هن صحافين کي مخاطب ڪندي چيو ته اهي حڪومت ۽ ان جي ڪارڪردگي تي مثبت تنقيد ڪن اسان کليل دل سان ان کي ??سليم ڪنداسين. هن چيو ته صحت ڪارڊ عوام جي لاءِ ڪنهن نعمت کان گهٽ نه آهي، اهي 10 لک رپين تائين پنهنجو علاج ڪنهن به سرڪاري ۽ پرائيويٽ اسپتال مان ڪر??ئي سگهن ٿا. هن پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي چيو ته اهي سنڌ جي عوام کي ??ه صحت ڪارڊ جي سهولت فراهم ڪن. مملڪتي وزير چيو ته صحافين کي ??حت ڪارڊ ڏيڻ کانسواءِ ڪامياب جوان پروگرام ۾ پڻ شامل ڪنداسين، پاڪستان ڪامياب پروگرام پڻ اچي رهيو آهي، ان ۾ ب?? صحافين کي ??سان شرطن تي قرض ڏنا ويندا. تقريب ۾ ب??وچستان مان آيل صحافين مملڪتي وزير کي ??لوچي ثقافت جي اجرڪ ۽ ٽوپي پارائي.