اسلام آباد – 15 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته افغانستان ۾ طالبان حڪومت کي تسليم ڪرڻ جو فيصلو پاڪستان اڪيلي نه ٿو ڪري سگهي ۽ ان بابت پاڪستان افغانستان جي ڀرپاسي موجوده سمورن علائقائي ملڪ?? کي گڏ کڻي هلڻ چاهي ٿو، ڀارت کي ڪشمير جي حيثيت بحال ڪرڻي پوندي، 5 آگست 2019ع کان اڳ واري پوزيشن تي وڃڻ کانپوءِ ئي ڀارت سان ڳالهيون ڪري سگهجن ٿيون، هن وقت ڳالهيون ڪرڻ ڪشمير جي ماڻهن سان غداري جي برابر هوندو، سنڪيانگ چي?? جو حصو آهي ڪو تڪرار نه آهي ۽ ا?? کي چين جي حصي طور تي تسليم ڪيو وڃي ٿو، افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام پاڪستان ۽ آمريڪا ٻ??هي جي گڏيل مفاد ۾ آهي، امن ۾ آمريڪا جا حصيدار آهيون پر تڪرارن ۾ نه. فرانسيسي اخبار لي فگارو کي انٽرويو ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته ڀارت ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي ان تي هو پنهنجي سمورن هندستاني دوستن جي لاءِ پريشان آهي، هڪ تعليم يافته هندستاني جي لاءِ هن وقت هندستان ۾ پلجڻ وڌڻ ڳڻتي جوڳو هوندو. افغانستان بابت سوال تي وزيراعظم چيو ته اڳ ۾ پاڪستان افغانستان جي ڀرپاسي موجوده سمورن علائقائي ملڪ?? کي گڏ کڻي هلڻ چاهي ٿو، اسان انهن سان گڏجي گڏيل قدم کڻڻ چاهيون ٿا. جيڪڏهن پاڪستان اڪيلي ڪو قدم کڻي ٿو ته ان سان پاڪستان تي تمام گهڻو عالمي دٻاءُ اچي ويندو. پاڪستان هن وقت معاشي طور تي پنهنجي پيرن تي بيهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، جڏهن اسان جي حڪومت آئي ته ملڪ ڏيوالپڻو هو، اسان وٽ رهتون ادا ڪرڻ جي لاءِ پئسا نه هئا، اسا?? جو ڌيان هن وقت معيشت آهي ۽ اسان پنهنجي معيشت کي انهي صورت ۾ مٿي کڻي وڃي سگهون ٿا جڏهن دنيا سان اسان جا سٺا لاڳاپا هجن. وزيراعظم چيو ته آخري شيءَ جيڪا اسان نه چاهينداسين اها عالمي اڪيلائپ آهي، يعني اسان و??حد ملڪ هجون جيڪو انه?? کي (طالبان حڪومت) کي تسليم ڪري پر اهو چوندي منهنجو يقين آهي ته اڳتي وڌڻ جو و??حد رستو اهو آهي ته جيڪڏهن اٽڪل چار ڪروڙ افغانين جي ڀلائي جا خواهشمند آهن ته افغان حڪومت کي جلد يا دير تسليم ڪرڻو آهي ڇو هن وقت ڪو ٻيو متبادل دستياب نه آهي. وزيراعظم چيو ته جڏهن گذريل ڀيري طالبان جي حڪومت هئي ته انه?? جو اتر اتحاد سان تڪرار هلي رهيو هو. افغانستان ۾ هاڻي ڪو تڪرار نه آهي جيڪو 40 سالن کانپوءِ پهريون موقعو آهي، سواءِ ڪجهه ننڍين دهشتگرد تنظيمن جي باقي ملڪ تڪرارن کان پاڪ آهي. افغانستان ۾ جيترو وڌيڪ استحڪام هوندو، ايترو ئي انهن عالمي دهشتگردن جي وڌڻ ويجهڻ جو امڪان گهٽ هوندو تنهن ڪري آئون محسوس ڪريان ٿو ته اڳتي وڌڻ جو و??حد رستو طالبان حڪومت کي تسليم ڪرڻ آهي، پاڪستان اڪيلي ائين نه ٿو ڪري سگهي، اسان سمورن علائقائي ملڪن سان مشاورت ڪري رهيا آهيون پر افغانستان جي عوام جي ڀلائي لاءِ جلد يا دير انه?? کي افغانستان کي تسليم ڪرڻو پوندو. وزيراعظم چيو ته ان ڳالهه تي عالمي اتفاق راءِ آهي ته افغانستان ۾ هڪ ٺوس حڪومت هجڻ گهرجي، ٻيو انساني حقن خاص طور تي عورتن جي حق?? جو تحفظ هجڻ گهرجي، طالبان جي حڪومت ٻنهي جو واعدو ڪيو آهي، انهن انساني حقن ۽ ٺوس حڪومت جي ڳالهه ڪئي آهي. هاڻي سوال اهو آهي ته طالبان اهڙو ڇا ڪري جنهن سان دنيا مطمئن ٿئي ته طالبان شرطون پوريون ڪري ڇڏيون آهين، هن وقت اها صورتحال آهي جو اهي هيستائين ٻنهي شرطن تي راضي ٿي چڪا آهن. وزيراعظم چيو ته امير تقي جي دوري ۾ ڪا ٺوس خاطري ته نه ڪرائي پر هن ان اصول تي اتفاق ڪيو ته هو ان بابت اڳتي ڪيئن وڌندا. جيڪڏهن ڪير افغانين جي ڪردار کان واقف آهي ته ا?? کي اهو ادراڪ هجڻ گهرجي ته اهي تمام گهڻا فاخر ماڻهو آهن ۽ توهان انه?? کي مجبور نه ٿا ڪري سگهو، اهي ٻاهرئين مداخلت کان نفرت ڪن ٿا، 2001ع ۾ پاڪستان انهن ٽن ملڪن مان هڪ هو جنهن افغانستان کي تسليم ڪري رکيو هو، ان جي باوجود جڏهن پاڪستان طالبا?? کي اهو چوڻ جي ڪوشش ڪئي ته هو اسامه بن لاد?? کي آمريڪا جي حوالي ڪري ڇڏي ته انهن صاف انڪار ڪري ڇڏيو. ان لاءِ هڪ حد تائين ٻاهريون دٻاءُ ڪنهن حڪومت تي اثرانداز نه ٿو ٿي سگهي. خاص طور تي اهڙي حڪومت تي جيڪا طالبان وانگر تمام گهڻي آزادي پسند آهي. رڳو تنبيهه ڪرڻ جي لاءِ جيڪڏهن ڪير اهو سوچي ٿو ته ان عمل جي لاءِ توهان انه?? کي مجبور ڪري سگهو ٿا ته ائين ٿيڻ وارو نه آهي ۽ اسا?? کي اميد به نه ڪرڻ گهرجي ڇو ته عورتن جي حقن بابت افغانستان جا ماڻهو ڇا ٿا سوچين ۽ اولهه ۾ عورت?? کي ڪهڙا حق حاصل آهن انهن ٻنهي جي وچ ۾ هڪ وڏو خال آهي. عورتن جي لاءِ اولهه طرز جي حقن جي جيڪڏهن ڪير اميد ڪري رهيو آهي ته افغانستان ۾ ائين نه ٿيندو جڏهن ته اهي ان ڳالهه سان متفق آهن ته ڇوڪري?? کي تعليم حاصل ڪرڻ جي اجازت هجڻ گهرجي. گهٽ ۾ گهٽ اهو هڪ اهڙو نقطو آهي جنهن تي جڏهن هو هتي آيا ته انهن اتفاق ڪيو. وزيراعظم چيو ته ٻه خدشا موجود آهن پهريون ته پناهگير آهن. پاڪستان ۾ اڳ ۾ ئي 40 لک کان وڌيڪ پناهگير موجود آهن ۽ ڳڻتي جوڳي ڳالهه اها آهي ته جيڪڏهن افغانستان ۾ حالتون خراب ٿين ٿيون، جيڪڏهن اهو انساني بحران بدتر ٿئي ٿو ته ملڪ ۾ پناهگير?? جو هڪ سيلاب ايندو. پاڪستان وڌيڪ پناهگير?? کي برداشت نه ٿو ڪري سگهي. اسان وٽ وسيلا نه آهن. بيو اهو ته سقوط ڪابل کان اڳ افغانستان مان ٽي گروهه ڪارروايون ڪري رهيا هئا پهرين نمبر تي ٽي ٽي پي پاڪستان طالبان، ٻيو بلوچ دهشتگرد هئا ۽ ٽئين نمبر تي داعش هئي. ان لاءِ اسا?? جو پڪو يقين آهي ته جيتري وڌيڪ مستحڪم افغان حڪومت ٿيندي ويندي انهن گروه?? کي اتان ڪارروايون ڪرڻ جا موقعا گهٽ ملندا، ان لاءِ اسان وٽ مضبوط دليل آهن. پاڪستان وٽ افغانستان ۾ استحڪام جي مضبوط ترين دليل امڪاني پناهگير ۽ دهشتگردي آهي. طالبان حڪومت پاران پنهنجي سرزمي?? کي ٻين ملڪن جي خلاف دهشتگردي جي لاءِ استعمال نه ڪرڻ جي سوال تي وزيراعظم چيو ته کيس طالبان حڪومت تي ڀروسو آهي منهنجي خيال ۾ جنهن به افغان طالبان سان گڏ ڪم ڪيو، آئون سال 2000ع جي ڳالهه ڪري رهيو آهيان، هڪ ڳالهه توهان چئي سگهو ٿا ته اهي پنهنجي زبان تي قائم رهن ٿا. جڏهن ٽرڪ ڊرائيور ۽ ٻيا ماڻهو طالبان جي اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ افغانستان ويندا هئا ته اهي ٻڌائيندا ته ان کان اڳ هر 50 ميل کانپوءِ هڪ جنگجو انهن کان ڀتو وٺندو هو. جڏهن طالبان اقتدار ۾ آيا ته بنيادي طور تي هر جڳهه تي مڪمل امن ٿي ويو ۽ جڏهن اهي تحفظ جي ضمانت ڏين ٿا ته توها?? کي تحفظ ملندو هو تنهن ڪري اسا?? کي يقين آهي ته اهي ائين ڪندا ڇو ته اهو انهن جي مفاد ۾ آهي. جيڪو طالبان حڪومت سڀ کان وڌيڪ چاهيندي اها پنهنجي ماڻهن جي سارسنڀال آهي ۽ اهي انهن جي سارسنڀال رڳو انهي صورت ۾ ڪري سگهن ٿا ته اتي امن هجي ۽ واپار هجي. ان جي لاءِ آئون سمجهان ٿو ته نه رڳو اسان جي حڪومت پر سمورن پاڙيسري ملڪ?? جو مڃڻ آهي ته افغانستان ۾ استحڪام وچ ايشيائي ملڪن جي لاءِ انتهائي اهم آهي. پاڪستان ۽ وچ ايشيائي ملڪن جي موقف سان پاڪستان افغانستان جي رستي وچ ايشيا سان ڳنڍجي وڃي ٿو. وچ ايشيائي رياستون بحرهند سان ڳنڍجن ٿيون جتان اهي پنهنجو سامان ٻاهر کڻي وڃي سگهن ٿا تنهن ڪري اسان سڀ ان جي استحڪام ۾ دلچسپي رکون ٿا. هڪ سوال تي وزيراعظم چيو ته جيڪڏهن طالبان جي سرزمين تان دهشتگردي ٿئي ٿي ته اهي مصيبت?? جو شڪار ٿيندا. عالمي دهشتگردي سان اهي نقصان کڻندا ان لاءِ عالمي دهشتگردي کي روڪڻ انهن جي پنهنجي مفاد ۾ آهي. پاڪستان ۽ فرانس جي لاڳاپن جي سوال تي وزيراعظم چيو ته فرانس پاڪستان جي لاءِ تمام اهم ملڪ آهي. پهرين ڳالهه اها آهي ته پاڪستان جي اڌ برآمدات يورپي يونين ڏانهن وڃي ٿي. فرانس اتان جي انتهائي ملڪن مان هڪ آهي ۽ واپاري حصيدار ملڪ آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي حوالي سان سندس بنيادي فڪر معيشت کي ٺيڪ ڪرڻ، پنهنجي ملڪ کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ ۽ 22 ڪروڙ عوام جو خيال رکڻ آهي. ان لاءِ منهنجي بنيادي دلچسپي معيشت آهي ۽ انهي جي ڪري فرانس اسان جي لاءِ انتهائي اهم آهي. وزيراعظم چيو ته ڪورونا جي ڪري شايد ئي ڪو عالمي سفر يا ملاقاتون ٿيون هجن. اڪثر ورچوئل ملاقاتون ٿيون آهن. تنهن هوندي به صدر ميڪرون سان ملڻ چاهيندس ۽ ٻطرفن لاڳاپن تي ڳالهه ڪرڻ چاهيندس. منهنجي ٻه ڀيرا صدر ميڪرون سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. فرانس ۾ پاڪستاني سفير جي مقرري جي سوال تي وزيراعظم چيو ته منهنجو خيال آهي ته اسان ان تي ڪم ڪري رهيا آهيون. پاڪ ڀارت لاڳاپن ۽ ڀارت پاران غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي حيثيت کي تبديل ڪرڻ جي سوال تي وزيراعظم چيو ته 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت هڪطرفي طور تي ڪشمير جي حيثيت کي تبديل ڪيو. هي اها شروعات هئي جنهن کانپوءِ اسان جا لاڳاپا ڪٽجي ويا آهن. ڇو ته ڀارت جو ائين ڪرڻ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جي خلاف ورزي آهي. رڳو اهو ئي نه پر ڀارت ۾ آر ايس ايس جي قيادت هيٺ بي جي پي حڪومت جهڙي طريقي سان پاڪستان ۽ خاص طور تي ڪشمير جي حوالي سان پنهنجي پاليسي هلائي آهي. مو?? کي ڳڻتي آهي ته دنيا جي ان حصي ۾ هن وقت تمام گهڻي بي چيني موجود آهي ته اسان هڪ منطقي سوچ رکندڙ حڪومت سان معاملا نه ڪري رهيا آهيون پر هڪ اهڙي حڪومت سان معاملا ڪري رهيا آهيون جنهن جي نظريي جو بنياد ئي نفرت تي آهي جنه?? جو نظريو مسلمانن، اقليتن ۽ پاڪستان جي خلاف نفرت تي ٻڌل آهي، اها هڪ منطقي حڪومت نه آهي جنهن سان اسان ڳالهيون ڪري سگهون. هڪ سوال تي وزيراعظم چيو ته ڀارت کي اهو تسليم ڪرڻو پوندو ته اسان جي وچ ۾ اصل مسئلو ڪشمير جي حل جو آهي جيڪو اسان جي وچ ۾ سڀ کان وڏو مسئلو آهي ۽ اهو ئي سبب آهي جو جڏهن آئون اقتدار ۾ آيس ته منهنجو پهريون قدم اهو هو ته وزيراعظم نريندر مودي طرف دوستي جو هٿ وڌايو، آئون ڪيترن ئي پاڪستانين جي ڀيٽ ۾ ڀارت بابت وڌيڪ بهتر ڄاڻان ٿو، منهنجو خيال اهو هو ته اسان جا پاڙيسري جهڙا لاڳاپا هجن، اسان جي وچ ۾ ڇڪتاڻ جو و??حد سبب ڪشمير مسئلو آهي، ان مسئلي کي ڳالهين جي ذريعي حل ڪرڻ جي حوالي سان ڀارتي وزيراعظم جو ردعمل تمام گهڻو حيران ڪندڙ هو، ان کانپوءِ پلواما واقعو پيش آيو جتي هڪ ڪشميري نوجوان ڀارتي فوجي قافلي تي خودڪش حملو ڪري ڇڏيو جنه?? جو انهن اسان تي الزام هنيو، ان جي نتيجي ۾ انهن پاڪستان تي بمباري ڪئي، اسان ردعمل ۾ انه?? جو جهاز ڪيرايو ۽ اهو ٻڌائڻ جي لاءِ اسان جارحيت نه ٿا وڌائڻ چاهيون اسان انهن جي پائليٽ کي واپس ڪري ڇڏيو، هن وقت اسان جي وچ ۾ ڪو رابطو نه آهي پر آئون چوندس ته اها هڪ تعطل واري ڪيفيت آهي. وزيراعظم چيو ته اسان ڀارت سان لاڳاپا قائم ڪري سگهون ٿا پر ان طرفان ان جي شروعات انهن قدمن جي واپسي سان ٿيڻي آهي جيڪي هن 5 آگسٽ 2019ع تي کنيا هئا، ڀارت کي ڪشمير جي حيثيت بحال ڪرڻي پوندي ڇو ته اها عالمي قانون جي خلاف ورزي آهي، 5 آگسٽ 2019ع کان اڳ واري پوزيشن تي وڃڻ کانپوءِ ئي اسان ڳالهيون ڪري سگهون ٿا، هن وقت ڳالهيون ڪرڻ ڪشمير جي ماڻهن سان غداري جي برابر هوندو جن ايتريون مصيبتون برداشت ڪيون آهن، هيستائين هڪ لک ڪشميرين پنهنجون جانيون قربان ڪيون آهن، ڪشميري?? جو اهو حق هو جنهن جي ضمانت گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۾ ڏني وئي هئي ته ريفرنڊم ذريعي انه?? کي پنهنجي مستقبل بابت پاڻ فيصلو ڪرڻ جي اجازت هوندي، ڪشميري?? کي اهو حق نه ڏيڻ ۽ طاقت جو استعمال جهڙوڪ 8 لک ڀارتي فوج ڪشمير جي واديءَ کي هڪ اوپن جيل ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي، اهڙي ڪا به راهه نه آهي جو اسان اڳتي وڌي سگهون، جيستائين هو ڪشمير جي حيثيت بحال نه ٿو ڪري ڳالهيون نه ٿيون ٿي سگهن. وزيراعظم چيو ته سنڪيانگ چي?? جو حصو آهي، اهو ڪو تڪرار نه آهي، ا?? کي چين جي حصي طور تي تسليم ڪيو وڃي ٿو، ڪشمير جي حيثيت اها آهي ته 1948ع ۾ عالمي برادري ا?? کي پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ هڪ تڪرار طور تسليم ڪيو آهي، ڪشمير جي ماڻه?? کي ضمانت ڏني وئي هئي، جيڪا ڀارت به تسليم ڪئي هئي، ڪشمير کي ڀارتي آئين ۾ خصوصي حيثيت حاصل هئي، 2019ع ۾ ڀارت هڪطرفي طور تي اها حيثيت ختم ڪري ڇڏي، ڪشمير مڪمل طور تي مختلف معاملو آهي، اهو پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ هڪ تڪراري علائقو آهي، اهو ئي سبب آهي جو پاڪستان ڪشمير جي ماڻهن جي ڳالهه ڪري ٿو ڇو ته هڪ ڀاڱي ٽي ڪشمير پاڪستان وٽ آهي، ڀارت جي قبضي هيٺ ڪشمير مان آيل ڪيترائي پناهگير پاڪستان ۾ رهن ٿا، ان لاءِ اهو معاملو سڌوسنئون پاڪستان بابت آهي، سڄي دنيا ۾ شام کان وٺي ليبيا، صوماليه ۽ عراق ۾ مسلمانن سان تمام گهڻو ڪجهه ٿي رهيو آهي پر هن وقت منهنجا خاص طور تي خدشا ڪشمير جي حوالي سان آهن جيڪو پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ هڪ تڪراري معاملو آهي. پاڪ آمريڪا لاڳاپن بابت سوال تي وزيراعظم چيو ته پاڪستان جا آمريڪا سان تمام سٺا لاڳاپا آهن، اسان جا آمريڪا سان سدائين سٺا لاڳاپا رهيا آهن، پاڪ آمريڪا لاڳاپن جي ڪجهه رخن تي مون سدائين تنقيد ڪئي آهي، جنهن رخ کي مون سڀ کان وڌيڪ تنقيد جو نشانو بڻايو آهي اهو دهشتگردي ۽ افغانستان ۾ ٿيندڙ جنگ آهي، مون ڪڏهن به نه سوچيو هو ته افغانستان جي مسئلي جو فوجي حل نڪرندو، شروع ۾ ڪجهه واضح نه هو ته اهي افغانستان ۾ ڪهڙي مقصد تحت آيا آهن، ڇا انهن جي نظر ۾ قوم جي تعمير هئي يا عورت?? کي حق ڏيارڻ جي ڳالهه هئي يا انساني حق?? جو معاملو هو، اهي اتي جمهوريت آڻڻ جي لاءِ ڇا ڪري رهيا آهن ڇو ته انهن جا مقصد واضح نه هئا، ڪنه?? کي خبر نه هئي ته اهي افغانستان ۾ ڇا ڪري رهيا آهن، آئون نه ٿو سمجهان ته آمريڪي?? کي به خبر هئي ته اهي ڇا ڪري رهيا آهن، افغانستان ۾ ڪهڙي ڪاميابي هئي ڪنه?? کي خبر نه هئي، مون سدائين افغانستان ۾ ٿيندڙ ان مهم جوئي تي تنقيد ڪئي، اهي جيڪو ڪجهه به حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ا?? جو ڪو فوجي حل نه آهي، ٻي ڳالهه دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي شرڪت آهي، آئون نه چاهيندو هئس ته پاڪستان ان جنگ ۾ حصو وٺي ۽ ا?? جو هڪ سبب هو، 80ع جي ڏهاڪي ۾ افغانستان ۾ سوويت يونين جي خلاف جنگ ۾ پاڪستان آمريڪا جي مدد ڪئي هئي، مجاهدي?? کي هٿياربند ڪيو ۽ جهاد ۾ شرڪت ڪندڙ?? کي هيرو قرار ڏنو ويو ڇو ته اهي سوويت يونين جي قبضي جي خلاف هئا، اسان سي آءِ اي سان گڏجي انهن جي تربيت ڪئي هئي، 10 سالن کانپوءِ 1989ع ۾ سوويت فوجون افغانستان مان هليون ويون، پوءِ 2001ع ۾ آمريڪي افغانستان ۾ اچي ويا، هاڻي انهن ئي ماڻه?? کي ج?? کي اسان غيرملڪي قبضي جي خلاف جنگ جي تربيت ڏني هئي، اسان اهو ٻڌائي رهيا هئاسين ته آمريڪي قبضي جي خلاف جنگ دهشتگردي آهي ته اهي اسان جي خلاف ٿي ويا، منهنجو موقف اهو هو ته اسا?? کي غيرجانبدار رهڻ گهرجي ها، ان لاءِ پاڪستاني طالبان اسان جي خلاف ٿي ويا ڇو ته سوويت فوجن جي خلاف سموريون ڪارروايون اسان جي قبائلي علائقن مان ڪيون ويون هيون جيڪي افغانستان جي ڀرپاسي وارا ضلعا آهن، اتان جا ماڻهو پاڪستاني طالبان بڻجي ويا ۽ اسان جي خلاف ٿي ويا، ٻي ڳالهه اها آهي ته مجاهدن جا پراڻا گروپ جهڙوڪ القاعده به پاڪستان جي خلاف ٿي ويا ۽ ان جي نتيجي ۾ پاڪستان کي 80 هزار قيمتي جاني?? جو نقصان کڻڻو پيو. وزيراعظم چيو ته آمريڪا جي ڪنهن اتحادي ايترن ماڻه?? جو نقصان نه کنيو، ان جي باوجود افغانستان ۾ ناڪامي تي پاڪستان کي ذميوار قرار ڏنو ويو، مون ان سان اتفاق نه ڪيو هو پر ان کانسواءِ هن وقت آمريڪا سان اسان جا گڏيل مقصد آهن، اسان افغانستان مان ڪنهن به قسم جي دهشتگردي نه ٿا چاهيون، اسان عالمي دهشتگردي جي خلاف آهيون، آمريڪا به اهو ئي چاهي ٿو ان لاءِ اسان جا مفاد گڏيل آهن، آئون اميد ڪريان ٿو ته آمريڪا به ان ڳالهه جو احساس ڪندو. وزيراعظم چيو ته آمريڪا شروع ۾ عالمي دهشتگردي يعني القاعده جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ افغانستان آيو هو، هاڻي جيڪڏهن اتي بحران واري ڪيفيت پيدا ٿي وڃي ٿي ته هڪ ڀيرو ٻيهر اتي اها ئي صورتحال پيدا ٿي ويندي ان لاءِ اسا?? جو مفاد گڏيل آهي جيڪو افغانستان ۾ استحڪام آهي. افغانستان ۾ فضا مان نگراني ۽ آپريشن جي پاليسي حڪمت عملي ۾ شموليت جي سوال تي وزيراعظم چيو ته ائين رڳو طالبان جي حڪومت جي اجازت سان ٿي سگهي ٿو جيڪڏهن اها اجازت ڏي تڏهن ئي ائين ٿي سگهي ٿو ٻي صورت ۾ اها اسان جي آخري خواهش هوندي ته افغان حڪومت سان ڪو تڪرار هجي، 80 هزار جاني?? جو نقصان کڻڻ کانپوءِ پاڪستان هڪ ٻئي تڪرار کي برداشت نه ٿو ڪري سگهي، اسان امن ۾ آمريڪا جا حصيدار آهيون پر تڪرارن ۾ نه. هڪ سوال تي وزيراعظم چيو ته هو آمريڪا تي الزام نه ٿو لڳائي پر پنهنجي ملڪي قيادت کي ذميوار سمجهي ٿو، ملڪي قيادت جو ڪم اهو آهي ته اها پنهنجي ماڻهن جي مفاد?? جو تحفظ ڪري، اهو آمريڪا جو ڪم نه آهي ته هو پاڪستاني عوام جي مفاد?? جو تحفظ ڪري، پاڪستان پاڻ کي استعمال ڪرڻ جي اجازت ڇو ڏني، اهو واضح آهي ته اسان 80ع جي ڏهاڪي ۾ افغانستان ۾ سوويت يونين جي خلاف آمريڪا جي جنگ جو حصو بڻياسين، ان جنگ جي خاتمي جي هڪ سال کانپوءِ اسان تي پابنديون هنيون ويون، پاڪستان کي ان وقت سکڻ گهرجي ها، اهو ئي سبب آهي جو مون 2001ع کانپوءِ آمريڪا جي دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي شموليت جي مخالفت ڪئي هئي، ا?? جو پهريون سبب اهو آهي ته اسان انهن مجاهدي?? کي غيرملڪي قبضي جي خلاف جنگ جي تربيت ڏني هئي، هاڻي اسان انه?? کي ڪيئن روڪيون ها ۽ جڏهن اسان آمريڪا جو ساٿ ڏنو ته اسان جي خلاف ٿي ويا، ٻي ڳالهه اها آهي ته اسا?? کي لڳو ته اسا?? کي استعمال ڪيو ويو آهي، جڏهن 1991ع ۾ پاڪستان تي پريسلر ترميم جي ذريعي پابنديون هنيون ويون، ان وقت اسان وٽ 40 لک پناهگير رهندڙ هئا، پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو ڪلاشنڪوف جي آمد ٿي ۽ مذهبي نفرت پکيڙيندڙ عسڪري گروهه سامهون آيا، اهو 80ع جي ڏهاڪي ۾ ٿيندڙ افغان جهاد جو نتيجو هو، ان وقت مون انه?? جو ساٿ ڏيڻ جي مخالفت ڪئي، منهنجو خيال هو ته اسا?? کي غيرجانبدار رهڻ گهرجي ها، مو?? کي اڄ به جارج بش جو بيان ياد آهي جنهن ۾ هن چيو هو ته هو ٻيهر پاڪستان کي نه ڇڏيندا پر انهن هڪ ڀيرو ٻيهر اهو ئي ڪيو. فرانس جي دوري بابت سوال تي وزيراعظم چيو ته هن وقت نه پر هو يقينن فرانس جو دورو ڪرڻ چاهيندو.