اسلام آباد – 28 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم ع??ران خان چيو آهي ته ح??ومت انفارميشن ٽيڪنالاجي تي ڀرپور ڌيان ڏئي رهي آهي، آءِ ٽي جي شعبي ۾ نوجوانن کي روزگار جا وسيع موقعا فراهم ڪري سگهجن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسپيشل ٽيڪنالاجي زون اٿارٽي جي بورڊ آف گورنرز جي چوٿين اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته وڏن شهرن ۾ آءِ ٽي سان واڳيل ماڻهن جي سهولت لاءِ خصوصي زون ٺهي رهيا اهن، ان مقصد جي لاءِ حڪومت اين او سي هاصل ڪرڻ بدران تعليمي نظام متعارف ڪرايو آهي. هن چيو ته نوجوان آبادي جو 68 سيڪڙو آهن، آءِ ٽي جي شعبي ۾ کپت جي وڏي گنجائش آهي، ان جي ذريعي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جو رستو هموار ٿيندو. ان کان اڳ بورڊ آف گورنرز اسلام آباد ۾ مختلف ٽيڪنالاجي ۽ انوويشن ڪلسٽرز قائم ڪرڻ جي منظوري ڏني جن جو مقصد ٽيڪنالاجي اسٽارٽ اپس ۽ فري ??انسرز جي فروغ لاءِ موجوده بنيادي ڍانچي کي استعمال ڪرڻ جي حوالي سان آءِ ٽي جي شعبي جي لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ آهي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي ??دايت ڪئي ته ٽيڪنالاجي دوست ماحولياتي نظام قائم ڪرڻ جي لاءِ سمورا ممڪن قدم کنيا وڃن جن ۾ رجسٽرڊ ٽيڪ ا??ٽارٽ اپس ۽ فري ??انسرز جي لاءِ ٽيڪس ۾ ڇوٽ، پاڪستان ٽيڪنالاجي اسٽارٽ اپس فنڊ قائم ڪرڻ ۽ ملڪي ۽ غيرملڪي جوائنٽ وينچرز فنڊنگ سميت قدم شامل آهن. اجلاس ۾ ناڻي واري ??فاقي وزير شوڪت ترين، اطلاعات ۽ نشريات واري ??فاقي وزير چوڌري ??واد حسين، توانائي واري ??فاقي وزير حماد اظهر، صنعت واري ??فاقي وزير مخدوم خسرو بختيار، وزيراعظم جي غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري خاص معاون سينيٽر ڊاڪٽر ثانيه نشتر، وزيراعظم جي خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گل، اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز اٿارٽي جي چيئرمين عامر هاشمي، سي ڊي اي چيئرمين عامر علي احمد ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي.