اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي اسلام آباد ۾ او آءِ سي جي پرڏيهي وزير?? واري ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي موقعي تي گڏيل قومن جي تهذيبن جي اتحاد جي لاءِ اعليٰ نمائندي ميگوئل موراتينوس ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ بين المذاهب مڪالمي کي ??ضبوط بڻائڻ، اسلامو ف??بيا ۽ ان سان لاڳاپيل عدم برداشت جي رجحانن کي ??نهن ڏيڻ سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. پرڏيهي وزير چيو ته نفرت انگيز بيانيو، امت??از?? سلوڪ ۽ مسلمانن جي خلاف تشدد پاڪستان جي پاڙيسريت سميت دنيا جي ڪيترن ئي حصن ۾ پکرجي رهيو آهي، اسلامي مشاهير ۽ مقدس جاين جي ڄاڻي واڻي توهين، امت??از?? قانونن ۽ پاليسين، حجان تي پابندي، مسجدن تي حملا، انتهائي کاٻي پاسي جي پارٽين پاران ملڪ بدر ڪرڻ جي اعلانن جهڙا پرتشدد رويا ڳڻتي جو سبب آهن. هن چيو ته مسلمانن جي نسل ڪشي، مسلم مخالف تعصب ۽ مسلمان عورتن جي عزت تي حملن جهڙن اڻوڻندڙ سماجي روين جي خلاف متفقه هڪمت عملي اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. پاڪستان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي پاران 15 مارچ تي اسلامو ف??بيا کي ??نهن ڏيڻ جي لاءِ عالمي ڏينهن طور نامزد ڪرڻ جي منظوري جي آجيان ڪري ٿو. گڏيل قومن جي تهذيبن جي اتحاد جي لاءِ اعليٰ نمائندي ميگوئل موراتينوس او آءِ سي پرڏيهي وزير?? واري ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي ڪامياب انعقاد تي پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي کي ??بارڪباد ڏني. واضح رهي ته يو اين اي او سي کي 2005ع ۾ جوڙيو ويو، ان جي بنيادي مقصدن ۾ سمورين ثقافتن، روايتن ۽ مذهبي عقيدن جي لاءِ گڏيل احترام جي واڌويجهه جي لاءِ پليٽ فارم طور ڪم ڪرڻ شامل آهي.