اسلام آباد – 25 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي م??قعن کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته غير ملڪي سيڙپڪارن کي م??ڪ جي ڪاروبار دوست ماحول مان فائدو کڻڻ گهرجي آزاداڻي سيڙپڪاري نظام سان غير ملڪي ڪاروباري ماڻهن کي م??ڪ ۾ سيڙپڪاري جي ترغيب ملندي. هو برطانيه جي ڪاروباري وفد سان ملاقات ۾ ڳاله??ئي رهيو هو. صدرچيو ته پاڪستان سيڙپڪاري لاءِ هڪ پرُڪشش مقام آهي ۽ هتي سيڙپڪاري جا بي پناهه موقعا موجود آهن، غير ملڪي سيڙپڪار ملڪ جي ڪاروبار دوست ماحول مان فائدو کڻن. هن چيو ته ملڪ جي آزاداڻي سيڙپڪاري نظام سان غير ملڪي ڪاروباري ماڻهن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي ترغيب ملندي. صدر چيو ته پاڪستان ۽ برطانيه جي وچ ۾ بهترين معاشي ۽ واپاري لاڳاپا آهن، برطانيه جا ڪاروباري ماڻهو معيشت جي مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جي م??قعن مان فائدو کڻن. هن چيو ته حڪومت خصوصي اقتص??دي ۽ ٽيڪنالاجي زونز اٿارٽي جو قيام عمل ۾ آندو آهي جڏهن ته غير ملڪي سيڙپڪارن جي حوصلا افز??ئي لاءِ مراعتون فراهم ڪري رهي آهي. صدر چيو ته حڪومت سيڙپڪارن کي پُرڪشش مراعتن جي فراهمي جي ذريعي خصوصي زونز ۾ سيڙپڪاري جي ترغيب ڏئي رهي آهي.