اسلام آباد – 12 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ملڪ کي درپيش سنگين مع??شي صورتحال ۽ اقتصادي چئلينجز مان نڪرڻ جي لاءِ هنگامي بنيادن تي مع??شي تجويزُون ۽ سفارشُون جوڙڻ جي ه??اي?? ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ه??اي?? ڪئي ته اهي تجويزون زراعت، صنعت، سيڙپڪاري، بئنڪاري، واپارين، ڪاروباري برادري سميت سمورن لاڳاپيل طبقن جي راءِ جي روشني ۾ جوڙيون وڃن. ان سلسلي ۾ ايندر ڪجهه ڏينهن ۾ سمٽ منعقد ڪرڻ جو فيصلو ??ڻ ڪيو ويو آهي. بيان موجب حڪومت نيشنل اڪنامڪ ڪائونسل جوڙڻ جو فيصلو ڪيو آهي، اها ڪائونسل غيرجانبدار ۽ ناليوارن مع??شي ماهرن تي ٻڌل هوندي. وزارت عظميٰ جو عهدو باضابطا س??ڀالڻ کانپوءِ وزيراعظم جي صدارت ۾ هنگامي اجلاس ۾ مع??شي ماهرن کي سفارشن جي تياري جو حڪم ڏنو ويو آهي. ناڻي واري سيڪريٽري اجلاس ۾ ملڪي مع??شي صورتحال، روينيو، بجيٽ خسارن، داخلي ۽ ٻاهرئين قرضن جي صورتحال سميت مجموعي قومي بيلنس شيٽ بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. وزيراعظم شهباز شريف ه??اي?? ڪئي ته مع??شي صورتحال ۽ سنگين مالي خطرن کي ڏسندي فوري، وچولي ۽ ڊگهي مدي وارن هدفن جو واضح تعين ڪيو وڃي. هن اها ه??اي?? به ڪئي ته پاليسي آپشنز تي ٺوس سفارشون پيش ڪيون وڃن ته جيئن انهن جي روشني ۾ ٺوس قدم کڻي سگهجن. وزيراعظم عوام کي ريليف ڏيڻ ۽ مهانگائي تي ضابطو آڻڻ جي حوالي سان پڻ ٺوس تجويزون جوڙڻ جي ه??اي?? ??ڻ ڪئي. ان کانسواءِ هن رمضان المبارڪ ۾ رمضان بازار جي مانيٽرنگ ۽ ضرورت جي شين جي قيمتن ۾ فور?? گهٽتائي آڻڻ جو پڻ حڪم ڏنو. هن چيو ته اسان کي قومي ۽ عوامي مفادن جي وچ ۾ بهترين توازن سان اڳتي وڌڻو آهي.