اسلام آباد – 05 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ٻاهرئين سازش جي حوالي سان انڪوائري ڪميشن قائم ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته آزاد ۽ خودمختيار ڪميشن عمران خان جي سازش جي بيانيي جي جاچ ڪندي، عمران خان ٻاهرئين ملڪ سازش جو نه پر گوگي کي بچائڻ جو روڄ راڙو ڪري رهيو آهي، انهن جا ??مو??ا الزام گوگي بچاءُ تحريڪ جو حصو آهن، عمران خان جا اتحادي جڏهن کيس ڇڏي ويا ته انهن کي سازش نظر اچڻ شروع ٿي وئي، ان سازشي ٽولي قومي خزاني ۽ توشه خانه کي بيدردي سان ڦريو، ڪارٽلز ۽ مافياز جي ??ائدي جي ??اءِ عوام کي مهانگائي جي چڪيءَ ۾ پيسيو، بجلي جي ??نصوبن کي بند ڪيو، سي پيڪ جي رفتار کي سست ڪيو، پرڏيهي پاليسي کي وڪرو ڪيو ۽ دوست ملڪن کي ناراض ڪيو، اڄ چار سال کانپوءِ عوام کي سستي کنڊ ۽ اٽو ملي رهيو آهي، وزيراعظم شهباز شيف مهانگائي ۾ گهٽتائي جي ??اءِ ٽن هفتن ۾ جيڪي قدم کنيا اهي گذريل چار سال ۾ نه کنيا ويا. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته موجوده حڪومت اڍائي هفتن کان رڳو ان ڪوشش ۾ لڳل آهي ته ج??ڪا معاشي تباهي، معاشي دهشتگردي ۽ معاشي بارودي سرنگهون عمران خان وڇائي وي?? هو، انهن جو بار پاڪستان جي عوام تي نه پوي. چار سال نالائقي، نااهلي ?? ڦرلٽ جي بازار گرم هئي، انهن ??مو??ين پاليسين جو جائزو ورتو پيو وڃي جن جي ڪري پاڪستان جي عوام هن وقت مهانگائي جي بار هيٺ دٻيل آهي. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان جي عوام کي ريليف ڏيڻ جي ??اءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي. مريم اورنگزيب چيو ته چار سال تائين وزارت عظميٰ جي ڪرسي تي مڙهيل شخص ڪارٽلز مافياز جي سربراهي ۾ پنهنجي ??ااهلي ?? ڦرلٽ سان ملڪي معيشت کي نقصان پهچايو، اڄ اقتدار جي ڪرسيءَ تان لهڻ کانپوءِ هو رڳو فرح گوگي کي بچائڻ جي تحريڪ هلائي رهيو آهي، انهن کي عوام سان ڪو سروڪار نه آهي. مريم اورنگزيب چيو ته اڄ اڍائي هفتا گذري وڃڻ جي باوجود عمران خان رڳو فرح گوگي بچائو تحريڪ جو ترجمان بڻيل آهي جڏهن ته ڪرائي جا ترجمان جيڪي اڳ ۾ چوندا هئا ته اسان جو فرح گوگي سان ڪو تعلق نه آهي، اڄ صبح، ٻنپهرن ۽ شام جو قطارن سان فرح گوگي جي ترجماني ۾ مصروف آهن. هن چيو ته هر ڏينهن صبح 9 وڳي پهريون بيان فرح گوگي جي ڪرپشن بچاءُ تحريڪ جي حق ۾ اچي ٿو، پوءِ هر ڪلاڪ کانپوءِ فرح گوگي جي ڪرپشن کي بچائڻ جي ??اءِ تحريڪ جي حق ۾ بيان اچن ٿا. هن چيو ته عمران خان مخالف ڌر تي ڪوڙا الزام ۽ ڪوڙا ڪيسز ٺاهيا ۽ انهن کي جيلن ۾ وڌو، پارليامينٽ ۽ ميديا جي زبان بندي ڪئي، چار سال تائين اهي ڦرلٽ ڪري قومي خزاني کي نقصان پهچائيندا رهيا، کنڊ، بجلي، گئس ۽ دوائن ۾ ڦرلٽ ڪئي ۽ هاڻي هو ٻاهرئين ملڪ سازش جي رٽ لڳائي رهيا آهن ج??ڪا حقيقت ۾ گوگي بچاءُ تحريڪ آهي. هن چيو ته ڪا ٻاهرئين ملڪ سازش ناهي ٿي. مريم اورنگزيب چيو ته 7 تاريخ تي خط ۽ 28 تاريخ تي ڪاغذ لهرايو وڃي ٿو ۽ جيڪو ٻاهرئين ملڪ سازش ڪري رهيو هو ان کي 16 مارچ تي ايمبيسي ۾ اهم مقرر طور گهرايو وڃي ٿو. هن چيو ته عمران خان کي ٻاهرئين سازش ان وقت ياد آئي جڏهن سندس پنهنجا اتحادي ۽ ميمبر کيس ڇڏي هلي ويا. هن چيو ته جڏهن انهن جي ??مبر گيم ختم ٿي ته انهن ڪاغذ لهرائي چيو ته منهنجي خلاف ٻاهرئين سازش ٿي رهي آهي. هن چيو ته عمران خان جي جلسن جو شيڊيول گوگي کي بچائڻ جي ??اءِ دٻاءُ آهي. فرح گوگي جي ??ٿان پنجاب ۾ ٻنهي هٿن سان ڦرلٽ ٿي، پاڪستان جي عوام کي ڦريو وي??، جن آفيسرن جي ذريعي پئسا ڪمايا ويا انهن جا تفصيل به اچي چڪا آهن. هن چيو ته فرح گوگي کي بچائڻ جي ??اءِ انهن ٻاهرئين ملڪ سازش جو ڍونگ رچايو، تماشو لڳايو پر پاڪستان جي عوام انهن جي ڊرامي کي سمجهي چڪي آهي ته اهو تماشو رڳو فرح گوگي کي بچائڻ جي ??اءِ آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته هاڻي اهو تماشو نه هلندو، الزامن جي رٽ لڳائڻ بند ٿيڻ گهرجي. ٻاهرئين ملڪ سازش جو ڍونگ رچائي اهي ماڻهو پنهنجي ??ااهلي، نالائقي ۽ ڦرلٽ کي لڪائڻ چاهين ٿا. هن چيو ته عمران خان ملڪي معيشت کي تباهه ڪيو، گذريل چار سال مافياز ۽ ڪارٽلز جو راڄ هو، جن غريب عوام کي ڦريو، انهن جي ??اني کسي، اٽو ۽ کنڊ کسي، هاڻي اهو سلسلو بند ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته پنهنجي ??الائقي ۽ نااهلي کي ٻاهرئين ملڪ سازش جو لبادو پارائي پاڪستان جي عوام کي بيوقوف نه ٿو بڻائي سگهجي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته حڪومت ٻاهرئين سازش جي حوالي سان الزام بازي تي هڪ غيرجانبدار ۽ آزاد انڪوائري ڪميشن ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو آهي ج??ڪا ان سازش جو منصفاڻي طريقي سان فيصلو ڪندي ۽ ان جي ??مو??ي انڪوائري پاڪستان جي عوام آڏو رکي وي??دي. هن چيو ته عمران خان فرح گوگي بچاءُ تحريڪ جي ??اءِ پاڪستان کي نقصان پهچائي رهيو آهي، چار سال ملڪ تي مسلط ٿي هن پرڏيهي پاليسي کي نقصان پهچايو، ڪشمير فروشي ڪئي، مودي جو ڪمپين مئنيجر بڻيو. هن چيو ته هاڻي هو الزام بازين ذريعي رڳو گوگي بچاءُ تحريڪ جي ??اءِ ملڪ کي ناقابل تلافي نقصان پهچائي رهيو آهي. هن چيو ته آزاد انڪوائري ڪميشن منصفاڻي طريقي سان ان ??مو??ي سازش جي جاچ ڪندي، ملڪ کي نقصان پهچائيندڙن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وي??دو. هن چيو ته سليڪيٽيڊ سازشي ٽولي عوام کي ڦريو، توشه خانه ۽ بيت المال کي ڦريو، اهو هاڻي بچي نه ٿو سگهي. هن چيو ته ڪميشن جا ٽرمز آف ريفرنس ڪابينا جي ايندڙ اجلاس ۾ رکيا وي??دا، ڪابينا کان منظوري کانپوءِ ان ڪميشن جو سربراهه مقرر ڪيو وي??دو جنهن تي ڪير آڱر کڻي نه سگهندو. هن چيو ته انڪوائري رپورٽ پاڪستان جي عوام آڏو رکي وي??دي. هن چيو ته ٻاهرئين ملڪ سازش جو ڍونگ ان لاءِ رچايو پيو وڃي ته 2018ع کان 2022ع تائين 44 بئنڪ اڪائونٽس ۾ 84 ڪروڙ 70 لک رپين جي رقم جي ??شاندهي ٿي آهي، سڀ کان وڌيڪ اڪائونٽس پنجاب ۾ فرح گوگي جي ??الي تي کوليا ويا، 19 گاڏيون، گوجرانوالا، ۽ رنگ روڊ تي 200 ڪينال جي خريد ۽ وڪرو ٿيو. هن چيو ته مديني جي رياست جو نالو استعمال ڪري القادر يونيورسٽي کولي وئي جنهن جي ذريعي ڦرلٽ ڪئي وئي. هن چيو ته انڪوائري ڪميشن جي رپورٽ اچڻ کانپوءِ عوام آڏو رکي وي??دي جنهن کانپوءِ سڀ ڪجهه واضح ٿي وي??دو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اڳوڻي دور ۾ ڪشمير فروشي ٿي، پاڪستان جي ??رڏيهي پاليسي کي نقصان پهچايو وي??، دوست ملڪن کي ناراض ڪيو وي??، سي پيڪ کي معطل ڪيو وي?? ۽ بجلي جي ??نصوبن کي بند ڪيو وي??. هن سي اين اين جي 21 آڪٽوبر 2021ع جي ??ڪ رپورٽ جو حوالو ڏيندي چيو ته ان رپورٽ موجب پاڪستان ۽ آمر??ڪا جي ??چ ۾ ايئر اسپيس استعمال جو معاهدو فائنل ٿيو، ان وقت انهي ٽولي جي حڪومت هئي، شيرين مزاري ۽ فواد چوڌري پنهنجي ئي دور جي رپورٽ کي ٽوئيٽ ڪري چئي رهيا آهن ته اسان شهباز شريف کي اهڙن معاهدن تي صحيحون ڪرڻ نه ڏينداسين، گهٽ ۾ گهٽ انهن کي ان رپورٽ جي تاريخ ته پڙهڻ گهرجي ج??ڪا انهن جي ??نهنجي دور جي رپورٽ آهي. هن چيو ته هن وقت ملڪ ۾ ڪارٽلز ۽ مافياز جي حڪومت نه آهي، هن وقت وزارت عظميٰ جي ڪرسي تي وي??ل شخص ڏينهن رات عوام کي مهانگائي ۽ بيروزگاري کان بچائڻ جي ??اءِ قدم کڻي رهيو آهي. هن چيو ته جمهوريت ۽ بادشاهت ۾ تمام وڏو فرق هوندو آهي، جمهوريت ۾ ٽن هفتن جي اندر اٽو، کنڊ ۽ گيهه سستو ٿئي ٿو جڏهن ته ڪارٽلز مافياز، بادشاهت ۽ فاشسزم ۾ چار سال ملڪ ۾ بدترين مهانگائي ٿي. هن چيو ته جنهن وقت ملڪ ۾ ڪارٽلز ۽ مافيا جي حڪومت هجي ته ملڪ ۾ عوام ماني خريد نه ٿي ڪري سگهي، عمران خان پنهنجي دور ۾ اڳ ۾ کنڊ ايڪسپورٽ ڪئي، پوءِ امپورٽ ڪئي ۽ پوءِ کنڊ جي ??يمت 120 رپيا في ڪلو مقرر ڪري ڇڏي، اهڙي طرح هن هڪ مخصوص مافيا کي فائدو پهچايو. هن چيو ته هڪ جمهوري وزيراعظم جڏهن وزارت عظميٰ جي ڪرسيءَ تي وي??ي ٿو ته هو ملڪ ۾ اٽو، کنڊ ۽ دوائون سستيون ڪري ٿو. هن چيو ته گذريل دور ۾ 27 پاور پلانٽس بند هئا، جڏهن سستي ايل اين جي ??لي رهي هئي ان وقت اها ان لاءِ خريد نه ڪئي وئي ته ڪارٽلز ۽ مافياز جا کيسا ڀرڻ مقصد هو. هن چيو ته هڪ جمهوري وزيراعظم جڏهن وزارت عظميٰ سنڀالي ٿو ته ان 27 پاور پلانٽس کي بحال ڪيو، ٽن هفتن جي اندر ٻارڻ جو بندوبست ڪيو، ملڪ جي اندر لوڊشيڊنگ جي خاتمي جي ڪوشش ڪئي، ٽن هفتن ۾ پاڪستان جي عوام کي رڳو ريليف ڏيڻ بابت سوچيو جڏهن ته عمران خان گوگي بچاءُ تحريڪ شروع ڪئي. هن چيو ته عمران خان غريب عوام کي ڦريو، 60 لک ماڻهن کي بيروزگار ڪيو، 2 ڪروڙ عوام کي غربت جي ??ڪير کان هيٺ ڌڪيو، ملڪ ۾ ڪارٽلز ۽ مافياز کي مڙهيو، پنجاب جي ??ڏي وزير تي فرح گوگي مڙهي، نالائقي ۽ نااهلي جي باوجود بزدار کي پنجاب تي مڙهي رکيو. هن چيو ته فرح گوگي جا ??مو??ا رابطا سامهون اچي رهيا آهن، وفاق ۾ شهزاد اڪبر عمران خان جو بي نامي هو جنهن ايسيٽ ميڪنگ يونٽ وزيراعظم هائوس ۾ کولي رکيو هو. هن چيو ته ڪرائي جا ترجمان بريف ڪيس کڻي پنهنجي ??اهرئين ملڪ فرار ٿي چڪا آهن. هن چيو ته ٽن هفتن ۾ پاڪستان جي عوام سڪون جو ساهه کنيو آهي. گذريل چار سال ۾ ج??ڪا غلاظت، نفرت، انتشار، الزام بازي ۽ فاشسزم پکيڙيو وي??، اڄ اهو گند صاف ٿي رهيو آهي. هن چيو ته اڄ پاڪستان جي عوام ان لاءِ سڪون جي ??نڊ سمهي ٿي ته انهن جو جمهوري وزيراعظم رات جو جاڳي ٿو، ان کي عوام جي تڪليف جو اندازو آهي. هن چيو ته عمران خان جي دور ۾ بند ڪيل منصوبا اڄ بيهر کلي رهيا آهن، اسلام آباد ميٽرو منصوبو چار سال بند رهيو، 2018ع ۾ رڳو ان جو افتتاح ٿيڻو هو، ٽي ٽي چار چار هزار رپيا ڏئي ماڻهو فيض آباد ۽ پنڊي کان ايئرپورٽ وي??دا هئا. هن چيو ته ان ميٽرو منصوبي جي بحالي سان ماڻهن کي سهولت ملي آهي. هن چيو ته ميٽرو ۽ ايئرپورٽ منصوبا نواز شريف جا تحفا آهن جيڪي پاڪستان جي عوام کي ڏنا ويا. هن چيو ته مسلم ليگ (ن) پنهنجي 5 سالا دور ۾ کنڊ جي ??يمت نه وڌائي، 2013ع کان 2018ع تائين کنڊ جي ??يمت 52 رپيا ڪلو رهي، اسان جي ترجيح عوام کي سستو اٽو، سستو گيهه، سستي دوا، سستي بجلي ?? سستي گئس ڏيڻ هئي جڏهن ته گذريل چار سال ۾ مافياز ۽ ڪارٽلز کنڊ، اٽو، گيهه، دوائون، گئس ۽ بجلي مهانگي ڪري عوام کي ٻنهي هٿن سان ڦريو، اڄ اهو ٽولو چئي رهيو آهي ته معيشت نه هلي رهي آهي، جيڪڏهن اڄ معيشت نه هلي رهي آهي ته ان جو ذميوار عمران خان آهي. هن چيو ته ٽرانسپرنسي اٽرنيشنل جي انگن اکرن موجب 2018ع ۾ پاڪستان جو ڪرپشن پرسيپشن انڊيڪس 100 مان 33 ۽ رينڪ 180 مان 117 هو جڏهن ته 2021ع ۾ عمران خان جي بي نامي فرح گوگي جي ڪرپشن، ڪارٽلز ۽ مافياز جي ڪري ڪرپشن پرسيپشن انڊيڪس 33 مان 28 ۽ رينڪ 117 مان 140 ٿي وي??. هن چيو ته اهو سرٽيفڪيٽ انهن چورن جي ??اءِ آهي جن توشه خاني جون گهڙيون وڪرو ڪيون، بيت المال جو مال وڪرو ڪيو ۽ اهي چون ٿا ته معيشت نه هلي رهي آهي. مريم اورنگزيب چيو ته اڄ ڪارٽلز ۽ مافياز نه آهن، معيشت به هلندي، ماڻهن کي روزگار به ملندو، منصوبا به هلندا. هن چيو ته پاڪستان جي عوام کي سستو اٽو، کنڊ، بجلي، گئس ۽ دوائون به ملنديون. هن چيو ته رڳو ٽي هفتا عوام کي ريليف جي ??راهمي تي انهن جون چيخون نڪري وي??ن آهن، انهن کي گوگي بچاءُ تحريڪ ۽ شهباز شريف جي ڪارڪردگي جو خوف آهي ته ٽن هفتن ۾ عوام کي ايترو ڪجهه ملي وي?? آهي. هن چيو ته انهن ماڻهن هڪ ڪروڙ نوڪريون ڏيڻ ۽ 50 لک گهرن جو ڪوڙ ڳالهايو. مريم اورنگزيب چيو ته جيڪڏهن بني گالا جو گهر ريگيولرائيز ٿي سگهي ٿو ته عوام کي 50 لک گهر ڇو نه ٿا ملي سگهن. هن چيو ته 90 ڏينهن ۾ ڪرپشن ختم ڪندڙ اڄ گوگي بچاءُ تحريڪ ۽ ايسيٽ ميڪنگ يونٽس کي بچائڻ جي تحريڪ هلائي رهيا آهن. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته نواز شريف، شهباز شريف، مريم نواز ۽ حمزه شهباز روزاني جي بنياد تي نيب ۽ ايف آءِ اي جون ??مو??يون پيشيون ڀوڳيندا رهيا پر اهي هڪ الزام به ثابت نه ڪري سگهيا. هن چيو ته برطانيا جي عدالتن مان به انهن کي چماٽ لڳي، پاڪستان جي عدالتن ۾ ڪيترائي ريفرنس جمع ڪرايا ويا، هر عدالت ۾ انهن ڪوڙ ڳالهايو، ڪنهن ڪورٽ ۾ اهي ثبوت پيش نه ڪري سگهيا ۽ ٻين تي الزام لڳائيندا رهيا. هن چيو ته چار سال تائين عمران خان حڪومت ۾ رهيو پر هڪ رپئي جي ڪرپشن ثابت نه ڪري سگهيو. هن چيو ته اڄ ٽي هفتا گذري وڃڻ کانپوءِ فرح گوگي ۽ شهزاد اڪبر جي ڪرپشن پاڪستان جي عوام آڏو اچي رهي آهي. هن چيو ته هاڻي الزامن سان ڳالهه نه هلندي. انهن چار سال رڳو الزام هنيا ۽ هاڻي عوام پڇي ٿي ته چار سال ۾ الزامن تي ڪارروائي ڇو نه ڪئي. هن چيو ته جن پاليسين ۽ قانونن تحت فرح گوگي جيل وي??دي انهن کي انهن پاليسين ۽ قانونن کان مسئلو آهي، فرح گوگي جي بيان کانپوءِ جڏهن اهي پاڻ جيل وي??دا ته انهن کي انهن قانون کان مسئلو آهي. هن چيو ته ٻاهرئين ملڪ سازش جي حوالي سان انڪوائري ڪميشن قائم ڪري ڇڏي آهي، هاڻي انهن وٽ اهو بيانيو به نه رهندو، ڇو ته پاڪستان جي عوام آڏو سڀ ڪجهه واضح ٿي وي??دو. هن چيو ته عوام پنهنجي حقن جي ??اءِ مافياز، ڪارٽلز ۽ سازشي ٽولي جي خلاف اٿي بيـٺي آهي. هن چيو ته عوام کي انهن جا حق ڏنا وي??دا. هن چيو ته هن وقت ملڪ ۾ اهڙي حڪومت آهي ج??ڪا اظهار راءِ جي آزادي تي پڪو يقين رکي ٿي ۽ ان حق جي ??اءِ ميڊيا سان گڏ بيٺل آهي. هن چيو ته اسان پاڪستان جي عوام آڏو رڳو اهي حقيقتون آڻينداسين جن جا الزام نه پر ثبوت موجود هوندا. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته فرح گوگي عمران خان جي بي نامي هئي، هن ج??ڪا ڦرلٽ ۽ ڪرپشن ڪئي اها عوام آڏو آندي پئي وڃي، جن ڪارٽلز ۽ مافياز گئس، بجلي، پيٽرول جي شعبن ۾ ڦرلٽ ڪئي، اهي ??مو??ا ماڻهو قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندا وي??دا. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته عمران خان پنهنجي ڪرپشن، نالائقي، نااهلي، چوري ۽ ڦرلٽ کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، هو سياسي يتيم بڻجڻ چاهي ٿو، هڪ نالائق، نااهل، چور سياسي يتيم نه ٿو بڻجي سگهي، هو پاڪستان جي عوام جو ڏوهاري آهي. هن چيو ته مسلم ليگ (ن) ڪڏهن به ذاتيات تي سياست ناهي ڪئي، اهو الله ۽ انهن جي ??چ ۾ معاملو هوندو آهي. هن چيو ته اهي ??مو??يون شيون جن سان عوام کي نقصان پهتو آهي، اهي پاڪستان جي عوام آڏو آڻينداسين. هن چيو ته سازش جي ڍونگ ۽ ڪوڙ تي انڪوائري ڪميشن قائم ڪري ڇڏي آهي، ان جي رپورٽ پبلڪ ڪئي وي??دي. ان ڪميشن جي ??اعدن ۽ ضابطن جي ڪابينا کان منظوري ورتي وي??دي جنهن کانپوءِ ان جي سربراهه جو اعلان ڪيو وي??دو. هڪ سوال تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته چونڊ سڌارن جي ??ارلياماني ڪميٽي جي ??اءِ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ??مو??ين پارٽين کان نالا گهريا آهن، عيد جي ??وڪلن کانپوءِ انهن نالن تي پراسيس مڪمل ٿي وي??دو. جمعي تائين ان جي ڊيڊ لائين آهي، ان کانپوءِ چونڊ سڌارن جي ??ارلياماني ڪميٽي پنهنجو ڪم شروع ڪندي. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته عمران خان ڪنهن ڪميشن کي نه مڃيندو، هو رڳو هڪ ئي ڪميشن مڃيندو ج??ڪا فرح گوگي کي بچائي سگهي.