اسلام آباد – 23 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ??ٽو زرداري عالمي اقتصادي فورم جي ٽن ڏينهن واري اجلاس ۾ ??رڪ?? ڪرڻ لاءِ سوئيٽزرلينڊ جي شهر ڊيووس روانو ٿي ويو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري موجب پرڏيهي وزير کي اجلاس ۾ ??رڪ?? جي دعوت عالمي اقتصادي فورم جي صدر ڏني آهي، پرڏيهي معاملن واري م??لڪ??ي وزير حنا رباني کر به پرڏيهي وزير بلاول ??ٽو زرداري سان گڏ آهي، پرڏيهي وزير بلاول ??ٽو زرداري 23 کان 26 مئي تائين ڊيووس ۾ فورم جي سالياني اجلاس ۾ ??رڪ?? ڪندو، پرڏيهي وزير ۽ م??لڪ??ي وزير ٻئي حاضر عالمي ۽ علائقائي مسئلن تي عالمي اقتصادي فورم جي ڪيترن ئي تقريبن ۾ ??رڪ?? ڪندا. پرڏيهي وزير اڀرندڙ جاگرافيائي سياسي اڳڀرائي جي معاشي ۽ سماجي اثرن سان گڏوگڏ ڪورونا وبا، خوراڪ ۽ توانائي جي تحفظ ۽ موسمياتي تبديلي سبب پيدا ٿيندڙ چئلينجن جي باي ۾ پاڪستان جو موقف پيش ڪندا، بلاول ??ٽو زرداري سالياني اجلاس ۾ ??رڪ?? پنهنجي هم منصبن سان ملاقات ۽ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه به ڪندو، ورلڊ اڪنامڪ فورم هر سال سياسي ۽ ڪاروباري اڳواڻن سان گڏوگڏ عالمي تنظيمن جي نمائندن، سول سوسائيٽي ۽ سڄي دنيا کان نوجوانن جي نمائندگي کي گڏ ڪري ٿو ته جيئن معاشي، سماجي ۽ ماحولياتي چئلينجن تي ضابطو آڻن لاءِ راهن جي نشاندهي ڪري سگهجي.