انقره – 02 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ??رڪي جو ٽن ڏينهن جو سرڪاري دورو مڪمل ڪري وفد سميت وطن واپس روانو ٿي ويو آهي. ايسن بوعا ايئرپورٽ تي ترڪي جي واپار واري وزير ڊاڪٽر مهمت موش وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ پاڪستاني وفد کي الوداع ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف 31 مئي کان 2 جون تائين ترڪي جو ٽن ڏينهن جو سرڪاري دورو ڪيو، وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ وزيراعظم شهباز شريف ??و ترڪي جو اهو پهريون دورو هو، وزيراعظم شهباز شريف ??وري دوران صدر رجب طيب اردوان سان نويڪلائي ۾ ملاقات ڪئي جڏهن ته ٻن??ي ملڪن جي وچ ۾ وفدن جي سطح تي ڳالهيون به ٿيون، صدر اردوان وزيراعظم شهباز شريف ??ي مان ۾ آجياڻو به ڏنو، ٻنهي اڳواڻن ٻن??ي ملڪن جي وچ ۾ مفاهمت جي 6 يادداشتن تي صحيحن جي تقريب ۾ شرڪت ڪئي، ٻن??ي ملڪن جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جا 75 سال مڪمل ٿيڻ تي گڏيل لوگو جاري ڪيو ويو. ٻن??ي ملڪن اها سالگرهه شاندار طريقي سا?? ملهائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف ??ندس ۽ سندس وفد جو والهاڻو استقبال ۽ شاندار ميزباني تي ترڪ صدر جو ٿورو ادا ڪيو. وزيراعظم صدر طيب اردوان کي پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي دعوت به ڏني، دوري دوران وزيراعظم ترڪي جي مشهور ڪاروباري ۽ مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي رکندڙ شخصيتن سان به ملاقاتون ڪيون، وزيراعظم پاڪستان ترڪي بزنس ڪائونسل فورم کي به خطاب ڪيو ۽ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي موقعن کي اجاگر ڪيو. وزيراعظم جديد ترڪي جي باني مصطفيٰ ڪمال اتاترڪ جي مزار تي به حاضري ۽ گلن جي چادر چاڙهي، وزيراعظم سان ترڪ پرڏيهي وزير، صحت واري وزير ۽ واپار واري وزير سا?? ملاقاتون به ڪيون.