اسلام آب??د ?? 08 – جون (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان برطانيا سان لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پ??عزم آهي، ٻطرفي تعاون جو وڌيڪ فروغ اسان جي ترجيحن ۾ سرفهرست آهي، پاڪستان جي عوام برطانوي شآاهي خاندان سان خصوصي لڳاءُ رکي ٿي، اهڙن خيالن جو اظهار هن برٽش هاءِ ڪميشن ۾ ملڪه برطانيا جي تاج پوشي جي 75 سال مڪمل ٿيڻ جي ??وا??ي سان منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وز??راعظم چيو ته ملڪه برطانيا جي تاج پوشي جي تقريب ۾ شرڪت منهنجي لاءِ خوشي ??وڳ?? آهي، برطانيا سان دوستي تي پاڪستان کي فخر آهي، پاڪستان جي عوام برطانوي شآهي خاندان سان خصوصي لڳاءُ رکي ٿي، جڏهن به برطانوي شاهي خاندان جي ماڻهن پاڪستان جو دورو ڪيو ته انهن جو شاندار استقبال ڪيو ويو. وز??راعظم چيو ته برطانيا سان لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پ??عزم آهيون، پنجاب ۾ خادم پنجاب طور ڪم ڪندي برطانيا اسان جي حڪومت سان ڀرپور تعاون ڪيو ۽ پرائمري تعليم، ماءُ ۽ ٻار جي صحت ۽ پنجاب اسڪلز ڊيولپمينٽ ڪمپني جي ذريعي شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ سيڙڪاري جي ??وا??ي سان برطانيا اسان جي تمام گهڻي مدد ڪئي جنهن تي برطانوي حڪومت جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته پاڪستان ۽ برطانيا ۾ ٻطرفي تعاون جو وڌيڪ فروغ اسان جي ترجيحن ۾ سرفهرست آهي، برطانيا جي وز??راعظم بورس جانسن سان گذريل هفتي ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ هن واپار جي شعبي ۾ تعاون جي فروغ جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، ان سلسلي ۾ برطانيا جو هڪ وفد جلد پاڪستان جو دورو ڪندو، وز??راعظم چيو ته هو ملڪه برطانيا جي ڊگهي زندگي ۽ صحت ۽ سلامتي جي لاءِ دعاڳو آهي، ملڪه برطانيا نه رڳو برطانيا پر پوري دولت مشترڪه جي لاءِ اتحاد، اميد ۽ تسلسل جي علامت آهي. تقريب کي پاڪستان ۾ برطانيا جي هاءِ ڪمشنر ڪرسچن ٽرنر پڻ خطاب ڪيو. بعد ۾ وز??راعظم شهباز شريف برطانوي هاءِ ڪمشنر سان گڏ ڪيڪ ڪاٽيو.