اسلام آباد – 10 – جون (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان عاصم افتخار چيو آهي ته ڀارت مسلمانن ۽ ٻين اقليتن جي خلاف ڀرپور مهم جاري رکي آهي، توهين آميز جملن جي معاملي تي ڀ??رت?? سفارتڪار کي گهرائي شديد احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو، ڀارت ڪنهن ٻي کي نه پر پنهنجو پاڻ کي ئي بيوقوف بڻائي رهيو آهي، ڀارت کي ڪشمير ۾ ظلم بند ڪري اتي فوري گڏيل قومن جي نگراني ۾ آزاداڻي راءِ شماري ڪرائڻ گهرجي. هو پرڏيهي آفيس ۾ ميڊيا کي هفتيوار ب??يف??گ ڏئي رهيو هو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان عاصم افتخار چيو ته ڀ??رت?? بي جي پي جي ٻن عملدارن پاران توهين آميز جملن جي ڀرپور مذمت ڪريون ٿا، هن چيو ته پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود مختلف سفارتڪارن کي ڀارت ۾ توهين آميز جملن، هندو توا جي فروغ ۽ اقليتن تي ڀ??رت?? ظلم کان آگاهه ڪيو، ج??ڪڏ??ن ڀارت ۾ ٿوري به اخلاقي جرئت آهي ته هو فوري طور تي ان بي جي پي عملدارن جي بيانن جي مذمت ڪري، ڀارت انهن عملدارن کي ڪٽهڙي ۾ آڻي، هن چيو ته پا??ست??ن مذهبي هم آهنگي ۽ رواداري کي فروغ ڏئي رهيو آهي، پا??ست??ن 600 کان وڌيڪ سک ياترين کي مقدس ماڳن جي ياترا لاءِ ويزا جاري ڪئي، هن ٻڌايو ته جرمن پرڏيهي وزير انا لينائبير بوڪ پا??ست??ن جو دورو ڪيو، بدقسمتي سان ڪورونا ٽيسٽ مثبت اچڻ جي ڪري جرمن پرڏيهي وزير کي دورو مختصر ڪرڻو پيو، هن ٻڌايو ته ايراني سفير وزيراعظم سان ملاقات ڪئي، وزيراعظم بلوچستان ۾ لڳل باهه وسائڻ ۾ ايران جي مدد تي ٿورو ادا ڪيو، هن چيو ته گذريل ڏينهن پرڏيهي وزارت ۽ آذربائيجان جي سفارتخاني پاران گڏيل تقريب جو انعقاد ڪيو ويو.