هنزه – 15 – جون (اي پي پي) صدر ڊا??ٽر عارف علوي لاڳاپيل عملدارن کي انساني ۽ قدرتي ??فتن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تيار رهڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته گلگت بلتستان ۾ مستقبل ۾ جاني ۽ مالي نقصان کان بچڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کنيا وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن هنزه ششپر گليشيئر کان متاثر علائقي جي دوري جي موقعي تي ڪيو. صدر کي حسن آباد ايف ڊبليو ڪئمپ ۾ نيشنل هاءِ وي اٿارٽي ۽ ايف ڊبليو او جي اعليٰ عملدارن پاران بريفنگ ڏني وئي. صدر ڊا??ٽر عارف علوي چيو ته ماحولياتي ??بديلي ۽ عالمي گرمي پد ۾ اضافي جي ڪري گليشيئرز جي پگهڙڻ ۾ تيزي آئي آهي، لاڳاپيل عملدار انساني ۽ قدرتي ??فتن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تيار رهن، سمورا ممڪن حفاظتي قدم کڻن. هن چيو ته گلگت بلتستان جي ماڻهن کي قدرتي ??فتن جي نتيجي ۾ جاني ۽ مالي نقصان کان بچائڻ جي لاءِ سمورن ادارن کي هاءِ الرٽ رهڻ گهرجي، لاڳاپيل ادارا اهڙن واقعن جي وقت سر روڪٿام ۽ مستقبل ۾ اهڙن واقعن کان بچڻ جي لاءِ سمورا ممڪن قدم کڻن. هن چيو ته متاثر پل جي فوري تعمير ۽ متاثرين جي مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي ??ل ڪرڻ جي ضرورت آهي، ششپر گليشيئر جي متاثرين جا مطالبا حل ڪرڻ جي لاءِ فوري قدم کنيا وڃن. صدر کي ششپر گليشيئر جي پگهڙڻ، ممڪن خطرن، حسن آباد ۾ تعمير هيٺ آر سي سي پل ۽ ٻي?? مواصلاتي ??نتظامن جي حوالي سان پڻ آگاهه ڪيو ويو. صدر هنگامي حالتن ۾ عوام کي جاني ۽ مالي طور تي ??حفظ فراهم ڪرڻ تي ??يف ڊبليو او، جي پي ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي ۽ ضلعي انتظاميا جي قدمن کي ساراهيو.