اسلام آباد – 18 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سان پاڪستان ۾ آسٽريليا جي نئين مقرر ٿيل هاءِ ڪمشنر نيل هاڪنز م??اقات ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم گذريل سالن دوران ٻطرفن لاڳاپن ۾ٿيندڙ مستحڪم اڳڀرائي کي ساراهيو ۽ واپار ۽ سيڙپڪاري، زراعت سميت ڪڻڪ جي پيداوار، چو??ائي مال سميت لائيو اسٽاڪ، تعليمي ۽ تڪنيڪي تعاون، سڌوسنئ??ن مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ پاڪستان ??ي خواهش ۽ عزم کي ورجايو. آسٽريلوي هاءِ ڪمشنر ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو ۽ افغانستان مان پنهنجي شهرين ۽ ٻين ماڻهن جي محفوظ انخلا ۾ پاڪستان ??ي بطور سهولتڪار ڪرار تي ٿورا مڃيا. وزيراعظم ان ??عاون تي روشني وڌي جيڪو پاڪستان ??فغانستان ??ي صورتحال جي ڏس ۾ خاص طور تي گذريل سال آگسٽ کان ??المي برادري سان ??اري رکيو. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته پاڪستان ڀارت سان ??رابري، انصاف ۽ گڏيل احترام جي اصولن تي ٻڌل پرامن لاڳاپن جو خواهشمند اهي. ان ڏس ۾ ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جو گڏيل قومن جي لاڳاپيل قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب منصفاڻو ۽ پرامن حل لازمي آهي. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته عالمي برادري کي ان ??لسلي ۾ سهولتڪار جو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ڇو ته اهو ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام جي لاءِ ضروري آهي. آسٽريلوي هاءِ ڪمشنر وزيراعظم جا ٿورا مڃيا ۽ آسٽريليا ۽ پاڪستان ??ي وچ م موجود لاڳاپن کي وڌيڪ وڌائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.