اسلام آباد -01 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايران ۽ آذربائيجان جي صدرن کي ٽيليفون ڪيو ?? عيدالاضحيٰ جون مبارڪون ڏنيون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ طرفان جاري بيان مطابق وزيراعظم شهباز شريف ايران جي صدر سيد ابراهيم رئيسي کي عيدالاضحيٰ جون مبارڪون ڏنيون. وزيراعظم ايران جي قيادت ۽ عوام لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ايران جي صدر ابراهيم رئيسي پاڪستان جي قيادت ۽ عوام کي عيد جي جوابي مبارڪ ڏني ۽ خيرسگالي جي جذبن جو اظهار ڪيو. ٻنهي ا??واڻن ڀائر پاڙيسري ملڪن وچ ۾ به ??رفي سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي ا??واڻن سرحد تي مارڪيٽون قائم ڪرڻ تي ٻه طرفي معاشي ۽ واپاري سهڪار کي هٿي ڏيڻ ڏانهن هڪ قدم قرار ڏ??و. ??يران جي صدر ٽيليفون ڪرڻ ۽ عيد جون مبارڪون ڏيڻ تي وزيراعظم شهباز شريف جو ٿ??رو مڃيو. وزيراعظم شهباز شريف آذربائيجان جي صدر الهام عليوف کي پڻ ٽيليفون ڪيو ?? عيد جون مبارڪون ڏنيون. وزيراعظم آذربائيجان جي عوام ۽ حڪومت لاءِ نيڪ خواهشن جو پيغام ڏ??و. ??در الهام عليوف پڻ خيرسگالي جي جوابي جذبن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم پنهنجي آذربائيجان جي دوري جو حوالو ڏيندي ٻه طرفي سهڪار جي عمل کي تيز بڻائڻ جو عزم ظاهر ڪيو. وزيراعظم آّذربائيجان سان ايل اين جي فراهمي جو عمل تيز ڪرڻ جي اميد جو پڻ اظهار ڪيو. صدر الهام عليوف ٽيليفون ڪرڻ ۽ عيد جون مبارڪون ڏيڻ تي وزيراعظم شهبازشريف جو ٿ??رو مڃيو.