اسلام آباد – 21 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان سعودي ??ج ۽ عمره واري وزير ڊاڪٽر توفيق بن فوزان الربيعه ملاقات ڪئي جنهن ۾ صدر سعودي ??رب سان مختلف شعبن ۾ ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي زور ڏنو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب ملاقات ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته سعودي ??رب سان معيشت، سيڙپڪاري ۽ ثقافت جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان سعودي ??رب سان لاڳاپن کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، پاڪستان – سعودي ??رب لاڳاپا گڏ??ل عقيدي، تاريخ ۽ عوامي لاڳاپن تي ٻڌل آهن. صدر موجوده اقتصادي ??صيداري وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪي??. ص??ر سعودي ??رب سان ٻطرفي واپار کي سگهه ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته پاڪستان ۾ آءِ ٽي، قابل تجديد توانائي سميت مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن. صدر هن سال حج جا بهترين انتظام ڪرڻ تي سعودي ??رب جي حڪومت جا ٿورا مڃيا. هن اميد ظاهر ڪئي ته سعودي ??ڪومت مديني ۾ منهدم ٿيندڙ ٻن پاڪستان هائوسز جي رقم سان مرڪزيه ۾ پاڪستان هائوس جي خريداري ۾ تيزي آڻيندي. صدر او آءِ سي جي ذريعي اهم مسلمان مسئلن خاص طور تي ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار، فلسطين ۽ افغانستان تي مستقل حمايت تي سعودي ????ب ۽ ان جي قيادت کي ساراهي??. ص??ر ايران سان لاڳاپا معمول تي آڻڻ تي سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي قيادت کي ساراهيندي چيو ته مسلمان دنيا ۾ سعودي ولي عهد جي قيادت ساراهه جوڳي آهي. سعودي ??ج ۽ عمره واري وزير چيو ته پاڪستان ۽ سعودي ??رب جي وچ ۾ لاڳاپا تمام گهڻا مضبوط آهن، ٻنهي ڀائر ملڪن جي گڏ??ل فائدي ??ي لاءِ لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته سعودي ??رب حاجين کي حج ۽ عمري جي لاءِ بهتر سهولتون فراهم ڪندو رهند??. ص??ر سعودي ??ادشاهه ۽ ولي عهد/ وزيراعظم جي لاءِ نيڪ خواهشن جو پيغام پهچائڻ جو پڻ چي??. ص??ر پاڪستان جي مسلسل حمايت ۽ مالي امداد تي سعودي ??رب جا ٿورا پڻ مڃيا.