اسلام آباد – 14 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني هن و??ت ڏهين ڪامن و??لٿ يوٿ منسٽرز اجلاس جي لاءِ لنڊن ۾ آهي. پريس بريفنگ ۾ هن چيو ته پاڪستان ٽن ڏهاڪن کانپوءِ ان فورم جي صدارت ڪري رهيو آهي، اجلاس ۾ دولت مشترڪه جي 56 ملڪن جا وزير ۽ نمائندا شرڪت ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ميٽنگ جو ٿيم ??ام??گ هائر“ ڊيليورنگ مور فار دي ڪامن و??لٿ“ آهي. ترجمان چيو ته دولت مشترڪه جي اجلاس ۾ نوجوانن جي لاءِ مشغوليت، تعليم، روزگار ۽ ماحول جي ذريعي بهترين طريقن ۽ پاليسي ۾ هم آهنگي تي پڻ خيالن ??ي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير پرائيم منسٽر يوٿ پروگرام جي ذريعي نوجوانن جي ترقي ۾ پاڪستان پاران کنيل قدمن کي پيش ڪيو، جيڪو پٺتي پيل نوجوانن بشمو?? ڇوڪرين، اقليتن ۽ معذورن کي بااختيار بڻائڻ کي ترجيح ڏي ٿو. ترجمان چيو ته نگران پرڏيهي وزير اجلاس دوران نوجوانن جي تربيت ۽ صلاحيت ۾ اضافي جي لاءِ پاڪستان جي پروگرامن ۽ هائي ٽيڪ صنعتن، انفارميشن ا??نڊ ڪميونيڪيشن ٽيڪنالاجي ۽ ماحولياتي تحفظ ۾ انهن جي وڌندڙ شموليت تي پڻ روشني وڌي.