سرينگر – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) ڪنٽرول ل??ئي?? جي ٻنهي طرفن ۽ سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪشميرين جمعي ڏي??هن ڪارو ڏي????ن ملهايو جنهن جو مقصد دنيا کي اهو واضح پيغام ڏيڻ هو ته ڀارت انهن جي ملڪ تي غيرقانوني طور ۽ انهن جي خواهشن جي ابتڙ قبضو ڪيو آهي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب ڪارو ڏي????ن ملهائڻ جي ڪال ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس ڏني آهي. 27 آڪٽوبر 1947ع تي ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀارتي فوج جي جارحيت ۽ نريندر مودي جي فسطائي ڀارتي حڪومت پاران 5 آگسٽ 2019ع تي والاريل ڪشمير جي خصوصي حيثيت کي ختم ڪرڻجي مذمت جي لاءِ اڄ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير، پاڪستان ۽ سڄي دنيا ۾ احتجاجي مارچ، ر??ليون ۽ سيمينار منعقد ڪيا پيا وڃن. ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي غيرقانوني طور تي نظربند چيئرمين مسرت عالم بٽ ۽ سينيئر اڳواڻن شبير احمد شاهه ۽ نعيم احمد خان نئين دهلي جي تهاڙ جيل پاران جاري پنهنجي پيغامن ۾ ڪشميرين کي چيو هو ته اهي حريت ڪانفرنس جي اپيل تي هڙتال ۽ ڪارو ڏي????ن ملهائي دنيا کي هڪ واضح پيغام ڏي?? ته اهي ڀارتي قبضي کان آزادي ت??ئي?? سک سان نه ويهندا.