استنبول – 15 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ج?? گهرواريءَ خاتون اول بيگم سعديه رحمت الله غزه ۾ گهيريل فلسطيني عورتن ۽ ٻارن سميت ??هرين جي خلاف اس??ائ??ل جي وحشياڻي طاقت جي استعمال جي مذمت ڪندي زور ڏنو آهي ته عالمي برادري کي اس??ائ??لي جارحيت ??ي فوري خاتمي ۽ غزه جو گهيراءُ ختم ڪرائڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي. استنبول ۾ پاڪستاني سفارتخاني پاران جاري پڌ??ائ?? موجب ترڪيه جي خاتون اول ايمن اردوان جي دعوت تي خاتون اول بيگم سعديه رحمت الله فلسطين جي عوام سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ هتي منعقد يونائيٽيڊ فار پيس سمٽ ۾ شرڪت ڪئي. بيگم سعديه رحمت الله پنهنجي خطاب ۾ فلسطيني ڀائرن ۽ ڀينرن سان پاڪستان جي مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪيو ۽ غزه ۾ هن وقت محصور عورتن ۽ ٻارن سميت ??هرين جي خلاف اس??ائ??ل جي وحشياڻي ۽ انڌاڌنڌ طاقت جي استعمال جي مذمت ڪئي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اس??ائ??ل پاران غيرانساني ڏاڍ ۽ ظلم هڪ جنگي ڏوهه آهي ۽ عالمي برادري کي اس??ائ??لي جارحيت ??ي فوري خاتمي ۽ غزه جو گهيراءُ ختم ڪرائڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن جنگ بندي ۽ انساني امداد جي فراهمي جي لاءِ پاڪستان جي ترجيحن تي زور ڏنو ته جيئن غزه جي ماڻهن تائين خوراڪ ۽ دوائون بنا ڪنهن دير جي پهچي سگهن. هن فلسطين مسئلي جي عالمي قانون، او آءِ سي ۽ گڏيل قومن جي لاڳاپيل قراردادن موجب منصفاڻي، ٺوس ۽ پائيدار حل تي زور ڏنو. هن تازو ئي منعقد ٿيندڙ گڏيل ??رب اسلامي سربراهي غيرمعمولي اجلاس ۾ منظور ڪيل قرارداد جي حمايت ??و ورجاءُ ڪيو. غزه جي ماڻهن کي انساني امداد جي فراهمي ۾ سهولت فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪندي هن چيو ته پاڪستان فلسطينين جي لاءِ امدادي کيپ موڪلي آهي ۽ غزه جي لاءِ هڪ بنا روڪ ٽوڪ ۽ غيرمشروط انساني لنگهه قائم ڪرڻ جي لاءِ وڌيڪ امداد موڪلڻ جو ارادو رکي ٿو. بيگم سعديه رحمت الله ترڪ خاتون اول ايمن اردوان جو غزه سميت والاريل فلسطيني علائقن جي خراب صورتحال تي ڳالهه ٻولهه جي لاءِ اجلاس منعقد ڪرڻ تي ٿورا مڃيا.