اسلام آباد – 04 – ڊسمبر (اي پي پي) ن??را?? وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ گڏيل قومن جي 28 هين ڪانفرنس آ?? پارٽيز ۾ شرڪت کانپوءِ وطن واپس روانو ٿي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب دبئي جي المڪتوم عالمي هوائي اڏي تي گڏيل عرب امارات جي گورنمينٽ ڊيولپمينٽ ۽ فيوچر واري مملڪتي وزير ايهود بنت خلفان الرومي، پاڪستان ۾ گڏيل عرب امارات جي سفير ۽ پاڪستاني سفارتي عملي ن??را?? وزيراعظم کي رخصت ڪيو. دوري دوران ن??را?? وزيراعظم گڏيل قومن جي 28 هين ڪانفرنس آ?? پارٽيز ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪئي. ن??را?? وزيراعظم ورلڊ ڪلائميٽ ايڪشن سمٽ ۾ پڻ شرڪت ڪئي ۽ ماحولياتي تبد??لي جي حوالي سان پاڪستان جو قومي بيانيو پيش ڪيو. ن??را?? وزيراعظم گلوبل اسٽاڪ ٽيڪ گول ميز مباحثي ۾ پاڪستان جو موقف پيش ڪيو. ڪوپ – 28 جي موقعي تي ن??را?? وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سريلنڪا ۽ مالديپ جي صدرن، ني??رلينڊز، استونيا، شام جي وزيراعظمن ۽ بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن جي ڪوچيئر بل گيٽس سان ملاقاتون ڪيون. ن??را?? وزيراعظم ڪوپ – 28 پاڪستان پويلين جو دورو پڻ ڪيو، ليونگ انڊس انيشي ايٽو جي حوالي سان تقريب ۾ شرڪت ڪئي ۽ زيد سسٽين ايبلٽي پرائز جو ايوارڊ کٽيندڙ پاڪستاني شاگردن سان ملاقات پڻ ڪئي. ڪوپ – 28 دوران ن??را?? وزيراعظم عالمي ميڊيا کي ڏنل انٽرويوز ۾ موسمياتي تبديلي، ملڪ جي گهرو، پرڏيهي معاملن، علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پاڪستان جو موقف پڻ اجاگر ڪيو. ن??را?? وزيراعظم دبئي کان گوادر پهچندو جتي هو چين پاڪستان دوستي اسپتال ۽ سامونڊي پاڻي کي صاف ڪري استعمال جوڳو بڻائڻ جي پلانٽ جو افتتاح ڪندو.