اسلام آباد-26 ڊسمبر (اي پي پي) چين پاڪستان اقتصادي راهداري (سي پيڪ) ٻنهي ملڪن کي هڪٻئي سان ڳنڍڻ وارو عظيم منصوبو ??اڻ?? ترقي جي مرحلي ۾ داخل ٿي چڪو آ??ي. چيني ميڊيا جي هڪ رپورٽ ۾ چيو ويو آ??ي ته سي پيڪ جي تعمير ۾ پاڪستاني پورهيتن ۾ بدستور واڌ ٿي رهي آهي، انهن ??ورهيتن ۾ توانائي بابت ماهر خرم جاويد به شامل آهي، هو پاڪستان ۾ پاور ڪنسٽرڪشن ڪارپوريشن آف چائينا جي هڪ ذيلي برانچ ۾ تيل ۽ گيس جي منصوبن جي حوالي سان جوڙي ويندڙ ٽيم جو سربراهه آهي، جنهن جو مقصد ملڪ ۾ تيل ۽ گيس جي ذخيرن جي تلاش ڪرڻ جي حوالي سان فزيبلٽي اسٽڊي ڪرڻ آهي. خرم جاويد چيو ته سي پيڪ جتي چين ۽ پاڪستان جي ٽيڪنالاجي ۽ وسيلن کي مربوط ڪري رهيو آ??ي، اتي ان منصوبي ۾ ٻين ملڪن لاءِ شموليت ۽ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا به موجود آهن. ان منصوبي جو مستقبل اميدن ۽ امڪانن سان ڀريل آهي جنهن سان چين ۽ پاڪستان وچ ۾ وسيع شعبن ۾ گهرن ??اڳاپن ۽ گڏيل خوشحاليءَ جو رستو هموار ڪرڻ آهي.