لاهور-08 فيب??ور?? (اي پي پي) مسلم ليگ (ن) جي قائد ميان نواز شريف چيو آهي ته ملڪ ??ا مسئلا حل ڪرڻ آهن ته هڪ پارٽي کي اڪثريت ملڻ ض??ور?? آهي. خميس ڏينهن لاهور ۾ ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ کا??پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته عوام گهرن مان نڪري ۽ ووٽ ڪاسٽ ڪري. انشاءُ الله مهانگائي جو خاتمو ٿيندو ۽ ماڻهو خوشحال زندگي گذاري سگهندا. اها ئي ماڻهن جي خواهش آهي ۽ ان خواب کي پورو ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته اسان جي منشور ۾ سڀ شيون تفصيل سان لکيل آهن ته عوام جا حق سندن در تائين پهچايا ويندا. مريم نواز کي پنجاب جي وزيراعليٰ بڻائڻ جي سوال تي ليگي قائد چيو ته پارٽي لاءِ مريم نواز ۽ شهباز شريف جون وڏيون قربانيون آهن، مريم جو نتيجي کا??پوءِ فيصلو ٿيندو، اهو پارٽي فيصلو ڪندي، بنا شڪ جي شهباز شريف ۽ مريم جون پارٽي لاءِ بي پناهه قربانيون ۽ جدوجهد آهي.