ا??لا?? آباد – 15 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته هو گڏيل قومن جي ??لا??تي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جي منصف??ڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پري?? بريفنگ ۾ چيو ته ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ اختلاف راءِ کي روڪڻ جي لاءِ ڀارت جي مهم زورن تي آهي. هن چيو ته 10 فيبروري تي ڀارت جي قومي تحقيقاتي ايجنسي (اين آءِ اي) مختلف شهرن ۾ جماعت ا??لا??ي ڪشمير جي 15 ملڪيتن تي ڪيترائي ڇاپا هنيا ۽ اهي ڇاپا ڪشميري سياسي تنظيمن جي خلاف جاري ڪريڪ ڊائون جو حصو هئا. ترجمان چيو ته جماعت ا??لا??ي انهن 6 سياسي تنظيمن مان هڪ آهي جن تي ڀارت اڳ ۾ ئي پابندي هڻي ڇڏي آهي. هن چيو ته اسان ڀارتي عملدارن تي زور ڏيون ٿا ته هو ڪشميري سياسي ڪار??نن ۽ پارٽين کي ڊيڄارڻ، ڌمڪائڻ ۽ ظلم ۽ ڏاڍ جو سلسلو بند ڪري. ترجمان پاڪستان جي ان مطالبي کي ورجايو ته سمورن ڪشميري سياسي قيدين ۽ ڪار??نن کي آزاد ڪيو وڃي ۽ ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن کي پنهنجي حقن ۽ آزادي جي قابل بڻايو وڃي. هن چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي ??لا??تي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جي منصف??ڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.