اسلام آباد-10 مارچ (اي پي پي) آصف علي زرداري صدر مملڪت جي عهدي جو حلف کڻي ور??و. چيف جسٽس آف پاڪ??تا?? جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کائنس حلف ور??و. حلف برداري جي پروقار تقريب ٽپهري جو ايوان صدر ۾ منعقد ٿي. وزيراعظم شهباز شريف، عهدو ڇڏيندڙ صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي، اڳوڻو نگران وزيراعظم انور الحق ڪاڪڙ، پنجاب جو گورنر بليغ الرحمان، ڪي پي ڪي جو گورنر حاجي غلام محمد، سنڌ جو گورنر ڪامران خان ٽيسوري، سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه، بلوچ??تا?? جو وڏو وزير سرفراز احمد بگٽي، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف آسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد، آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير، پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل نويد اشرف، پاڪ فضائيه جو سربراهه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سنڌو، نون چونڊيل اسيمبلي ميمبرن، پرڏيهي سفارتڪارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي پاڪ??تا?? مسلم ليگ (ن) جو قائد محمد نواز شريف، سينيٽر اسحاق ڊار، پاڪ??تا?? پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، اڳوڻو اسپيڪر راجا پرويز اشرف، يوسف رضا گيلاني، پنجاب اسيمبلي جو اسپيڪر ملڪ احمد خان، شرجيل ميم??، ملڪ عامر فدا پراچا، نواب جمال خان رئيساڻي سميت ٻي سياسي قيادت موجود هئي. هتي ا??ا ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته صدر آصف علي زرداري 2008ع کان 2013ع تائين به صدر مملڪت جي عهدي تي رهي چڪو آهي.