اسلام آباد – 11 – مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ??يڊ??ائيس ت?? 19 ??زيرن جي مقرري ڪري ڇڏي آهي جن ۾ 18 وفاقي وزير جڏهن ته هڪ مملڪتي وزير هوندي. ڪابينا ڊويزن پاران جاري نوٽيفڪيشن موجب صدر آصف علي زرداري آئين جي آرٽيڪل 92 جي شق هڪ تحت مليل اختيار استعمال ڪندي وزيراعظم شهباز شريف جي ??يڊ??ائيس تي 13 وفاقي وزيرن جي مقرري ڪئي آهي. انهن وفاقي وزيرن ۾ خواجه محمد آصف، احسن ??قبال، راڻا تنوير حسين، اعظم نذير تارڙ، چوڌري سالڪ حسين، عبدالعليم خا??، ڄام ڪمال خا??، انجنيئر امير مقام، سردار اويس احمد خا?? لغاري، عطاءُ الله تارڙ، خا??د مقبول صديقي، قيصر احمد شيخ ۽ ميان رياض حسين پيرزاده شامل آهن. صدر آئين جي آرٽيڪل 92 جي شق (1) تحت مليل اختيارن کي استعمال ڪندي وزيراعظم جي ??يڊ??ائيس تي سينيٽر اسحاق ڊار ۽ سينيٽر مصدق م??ڪ جن جي 12 مارچ 2024ع تي سينيٽ آف پاڪستان جي ميمبرشپ ختم ٿي ويندي، آئين جي آرٽيڪل 91 جي شق (9) تحت انهن جي بطور وفاقي وزير مقرري ڪري ڇڏي آهي. صدر آرٽيڪل 92 جي شق (1) جنهن کي آرٽيڪل 91 جي شق (9) سان گڏ پڙهيو وڃي، تحت محمد اورنگزيب، احد چيما ۽ سيد محسن ??ضا نقوي کي پڻ وفاقي وزير مقرر ڪري ڇڏيو آهي. صدر آئين جي آرٽيڪل 92 جي شق (1) تحت مليل اختيارن کي استعمال ڪندي وزيراعظم جي ??يڊ??ائيس تي شيزه فاطمه خواجه کي مملڪتي وزير مقرر ڪري ڇڏيو آهي. انهن سمورن وفاقي وزيرن ۽ مملڪتي وزير کان 11 مارچ تي صدر آصف علي زرداري حلف ورتو.