اسلام آباد– 09 – اپريل (اي پي پي) وزي??اع??م محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ ترڪيه جي ??چ ۾ گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. وزي??اع??م آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزي??اع??م محمد شهباز شريف ۽ ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان جي ??چ ۾ ٽيليفونڪ رابطي ۾ عيدالفطر جي مبارڪباد جي مٽاسٽا ڪئي وئي. ٻنهي اڳواڻن عيدالفطر جي خوشي جي موقعي تي پاڪستان ۽ ترڪ عوام جي لاءِ امن، خوشحالي ۽ اتحاد جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ٻنهي ملڪن جي ??چ ۾ گهري ۽ تاريخي لاڳاپن جو ذڪر ڪندي وزي??اع??م ٻنهي ملڪن جي ??چ ۾ گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته اهي بنيادي قومي مفادن تي هڪ ٻئي جي ڀرپور حمايت جاري رکندا. ٻنهي اڳواڻن فلسطين ۾ امن قائم ڪرڻ تي پڻ زور ڏنو. وزي??اع??م صدر اردوان کي جلد کان جلد پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني. ان دوري سان اسٽريٽجڪ ڪو??پريشن ڪائونسل جو ستون اجلاس پڻ منعقد ٿيڻ جا امڪان روشن ٿي ويندا.