اسلام آباد – 02 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل عرب امارات جي شاهي خاندان جي ميمبر ۽ ناليواري ڪاروباري شخصيت شيخ طحنون بن محمد النهيان جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. سماج?? رابطي جي ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته ڏک جي هن گهڙيءَ ?? اسان جون نيڪ خواهشون ۽ دعائون گڏيل عرب امارات جي قيادت ۽ عوام سان گڏ آهن. هن چيو ته پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ مضبوط لاڳاپا قائم ڪرڻ ۾ شيخ طحنون بن محمد النهيان جي ڪردار کي ڊگهي عرصي تائين ياد رکيو ويندو. الهه تعاليٰ کيس جنت ۾ جڳ??ه عطا ??رمائي.